نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ پليو مستوئي جي رهواسي مستوئي برادري جي ماڻهن جو ٻن نوجوانن صفدر مستوئي ۽ پيارو مستوئي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي محمد موريل مستوئي، صدورو خان مستوئي، غلام مرتضي ۽ نثار مستوئي ڪري رهيا هئا جن نعريبازي به ڪئي ان موقعي تي ميڊيا اڳيان دانهيندي ڳوٺاڻن چيو ته 14 ڏينهن اڳ پيار جي پرڻي واري معاملي تان اسان جي ٻن نوجوانن صفدر مستوئي ۽ پيارو مستوئي کي سيال برادري جي هٿياربند ماڻهن بيگناھ قتل ڪيو آهي جيڪا وڏي زيادتي ٿي آهي هنن چيو ته اسان جو پيار پرڻي واري ڌر سان ڪوبه ويجهو واسطو ناهي ان جي باوجود به اسان جا ٻه ماڻهو قتل ڪيا ويا ۽ اڃان تائين به جوابدار اسان کي ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي صورت جاني نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن پر پوءِ به پوليس قدم کڻڻ لاءِ تيار جنهن سبب وڌيڪ خونريزي خطرو آهي طارق انور سيال ۽ سهيل انور سيال وارا معامري کي کٽائڻ بدران جوابدارن کي ٽيڪ ڏئي وڌائڻ چاهين هنن آء جي پي سنڌ سميت ٻين وس وارن کان جوبدار گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي
0 تبصرے