منگل، 22 ستمبر 2026
بریکنگ

سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو کي برسات کان بچاء لاءِ انتظاميھ ڪي اپاءَ نھ ورتا

سنڌي خبرون 18th Oct 2023 246 مناظر

امڪاني برسات سبب سنڌ جي عظيم ثقافت موهن جو دڙو جي قديمي آثارن کي شديد نقصان پهچڻ جو خدشو

ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو جي قديم آثارن کي برسات کان بچاء لاءِ انتظاميا طرفان ڪي بہ اپاءَ نہ ورتا ويا آهن آثارن کي شديد نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. امڪاني برسات پوڻ سبب سنڌ جي ثقافت قديمي ماڳ موهن جو دڙو جي قديمي آثارن کي شديد نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. برسات سبب ماڳ جي اسٽوپا، گريٽ باٿ، ڊي ڪي ايريا،ايڇ آر ايريا، ۽ ميوزيم سميت ٻين آثارن جي قديم ڀتين کي شديد نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. ماڳ جي آثارن کي بچائڻ لاءِ موهن جو دڙو انتظاميا ڪي بہ اپاءَ نہ ورتا آهن، ڪيترائي ملازم موڪل تي گھر ويل آهن. ماڳ هيٺين سطح جي ملازمن پٽيوالن ۽ چيڪيدارن حوالي ٿيل آهي. ماڳ جي آثارن جي ڪنزرويشن جو ڪم سالن کان رولڙي جو شڪار بڻيل آهي جنهن ڪري برساتي پاڻي آثارن ۾ تلائن جي صورت ۾ جمع ٿي سگهي ٿو. هوڏانهن سماجي اڳواڻ ضمير حسين، سارنگ علي، عرفان علي ۽ ٻين چيو آهي تہ ڪيترن سالن کان سنڌ حڪومت ۽ موهن جو دڙو انتظاميا طرفان برساتي جي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪي بہ اپاءَ نہ ورتا آهن، هنن چيو امڪاني برسات کان بچاء لاءِ تڪڙا قدم کڻي ماڳ جي آثارن کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي، هوڏانهن موهن جو دڙو انتظاميا جو چوڻ آهي تہ برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ پراڻن نالن جي صفائي جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن تہ وڌيڪ ڪم ڪيو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ