اسلام آباد ۾ بلوچن جي ريلي تي تشدد ۽ گرفتاري جي مذمت ڪيون ٿا: جلال مري
اسلام آباد ۾ بلوچن جي ريلي تي تشدد ۽ گرفتاري جي مذمت ڪيون ٿا: جلال مري
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي) اسلام آباد ۾ بلوچن جي ريلي تي تشدد ۽ گرفتارجي مزمت ڪيون ٿا گم ڪيل ماڻهن جي وارثن پاران نڪتل ريلي تي تشدد افسوس ناڪ عمل آھي پاڪستان جي آئين موجب گم ٿيل ماڻھن جي وارثن کي احتجاج ڪرڻ جو مڪمل حق حاصل آھي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ۾ ملوث پنجاب پوليس ۽ اسلام آباد پوليس جي اھلڪارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، بلوچ برادري جي آل پاڪستان مري اتحاد ۽ گبول برادري پاتڻي برادري .سھتاڻي برادري جي سوين ماڻھن اولھه پريس تي احتجاجي ريلي ڪڍي پنجاب پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته بلوچستان ۾ ڪيترن ئي سالن کان گم ٿيل ماڻھن جي بازياب نه ٿيڻ تي سندن وارثن پاران اسلام آباد ۾احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو حڪومت کي گھرجي ته فوري طور گم ٿيل ماڻھن کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي پر سمجھ کان ٻاهر آھي ته بلوچ مظلوم ماڻھون پرامن احتجاج ڪندڙن مردن عورتن سميت ننڍڙن ٻارڙن تي تشدد ڪندڙ پنجاب پوليس خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي پاڪستان جي آئين مطابق پنھنجن جائز حقن لاء احتجاج ڪري سگھي ٿو پر ھن ملڪ ۾ صرف بلوچن ء سنڌين کي ڪو به حق ڪونھي ھن وقت تائين افغانين سميت ٻين قومن پاڪستاني پرچم جي بي حرمتي ڪري سوشل ميڊيا تي رکيو پوري دنيا ڏٺو انھن غير ملڪين کي ته ڪجھه ڪونه ڪيو ويو پر اسان بلوچ ھن ملڪ جا وارث مالڪ آھيون تنھن ھوندي به اسان ھتي يرغمال بڻيل آھيون ڪھڙي قانون مطابق عورتن مردن توڙي معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو ويو ۽ ڊاڪٽر ماھ رنگ کي گرفتار ڪيو ويو پر امن ريلي تي لاٺي چارج ڪھڙي قانون مطابق ڪئي وئي احتجاج ڪندڙن جلال مري.امام جان مري.منشي مري نواز علي مري مرتضي سھتاڻي.ياسين مري.اسلم گبول .عزيز مري سائينداد مري اسلم مري.راھب گبول ميڊيا سان ڳالھائيندي چيوته اسان نگران وزيراعظم کي گذارش ٿا ڪريون ته اسلام آباد ۾ جيڪو بلوچ نياڻين تي تشدد ٿيو آھي ۽ڊاڪٽر ماہرنگ ء ٻين جون گرفتاري ٿيون آھن انھن کي فوري طور آزاد ڪري تشدد ڪندڙ پنجاب پوليس کي قانون جي ڪٽهڙي م آندو وڃي انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ پوري پاڪستان ۾ بلوچ فيٿا روڊ ھڙتال ڪئي ويندي