جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

ٿاڻو بولان خان واسي زمين تي مبينا قبضي خلاف اسلام آباد پريس ڪلب پهچي ويو

سنڌي خبرون 26th Jul 2023 387 مناظر

ڳوٺ عارف خان ۾ منهنجي زرعي زمين آهي. جنهن تي ملڪ اسد سڪندر قبضو ڪيو آهي: خالد حسين ڏيٿو

اسلام آباد (بيورو)ٿاڻو بولان خان ٿاڻي جي حد جي رهواسي خالد حسين ڏيٿو اسلام آباد نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام مڙهيو آهي ته ڳوٺ عارف خان ۾ منهنجي زرعي زمين آهي. جنهن تي بااثر ملڪ اسد سڪندر قبضو ڪري ورتو آهي ملڪ اسد سڪندر منهنجي زمين تي ڪم ڪندڙ هارين کي مارڻ لاءِ پنهنجا نوڪر موڪليا، جن کي زخمي حالت ۾ اسپتال داخل ڪرايو ويو، خالدحسين ڏيٿو وڌيڪ چيو ته عدالت منهنجي حق ۾ فيصلو ڏيڻ باوجود ملڪ اسد سڪندر زمين تان قبضو ختم نه ڪرايو ۽ مون کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، هن چيو ته پوليس ملڪ اسد سڪندر خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي خادم حسين ڏيٿو پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اعليٰ عدليه کان مطالبو ڪيو ته بااثر ملڪ اسد سڪندر خلاف قانوني ڪارروائي ڪري منهنجي زمين تان قبضو ختم ڪري مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ