ٺٽو برانچ موري ۾ مبينا طور ٽپو ڏيندڙ نوجوان جو لاش ٽوٻن ذريعي ھٿ
2ڏينھن اڳ تنوير علي بيروزگاي سبب مبينا طور واھھ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو ھو
ٺٽو(رپورٽ شفيق ڀٽي) گذريل ڏينھن ٺٽي شھر سان تعلق رکندڙ نوجوان تنوير سرواڻ ولد جمن سرواڻ ٺٽو لڳ برانچ موري واھ ۾ ٽپو ڏئي خد ڪشي ڪري ڇڏي خد ڪشي ڪرڻ جو ڪارڻ گھرو اڻبڻت ۽ بيروگاري ٻڌايو پيو وڃي جڏھن تـ نوجوان بيروزگاري ۽ گھرو اڻبڻت کانپوء منشيات پڻ واپرائڻ لڳو ھو ٻئي پاسي خدڪشي ڪندڙ نوجوان تنوير سرواڻ جا وارث ٺٽو سجاول روڊ تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا وارثن پاران انٿظاميا تي الزام ھڻندي چيو تـ انتظاميا پاران سندن نوجوان جي لاش جي ڳولا لاء ڪوبـ تعاون نـ پيو ڪيو وڃي جڏھن تـ مقامي ٽوٻن پاران وڏي جدوجھد کانپوء نوجوان تنوير سرواڻ جو لاش برانچ موري مان ڪڍي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو نوجوان جي جنازا نماز شاھجھان مسجد ۾ ادا ڪرڻ کانپوء سندس لاش کي سندن اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو