جمعرات، 15 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ۾ بجلي۔ پيٽروليم ۽ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف وڪيل سراپا احتجاج

سنڌي خبرون 04th Sep 2023 118 مناظر

بجلي جي بلن ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سراسر ناانصافي آهي، مهانگائي سبب ماڻهو ٻن ويلن لاء پريشان آھي: اڳواڻ

نوشهروفيروز(ڊ ر) بجلي۔ پيٽروليم ۽ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف وڪيلن جو احتجاج عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ۔ خبر موجب سنڌ بار ڪائونسل جي مرڪزي سڏ تي ضلعي بار ڪائونسل پاران عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري بجلي۔ پيٽروليم ۽ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ ان موقعي تي عبدالستار لھراڻي. اياز احمد مري. عبدالرحيم عباسي۔ غلام سرور مري۔ شير محمد اڄڻ۔ اظھر رند۔ علي رضا ميمڻ۔ الطاف ڀنڀرو۔ اعظم ميمڻ ۽ ٻين چيو ته بجلي جي بلن ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سراسر ناانصافي آهي، مهانگائي سبب ماڻهو ٻن ويلن لاء پريشان آھي جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو خودڪشيون ڪري چڪا آھن۔ هنن چيو ته مهانگائي ختم ٿيڻ تائين وڪيلن جو احتجاج جاري رهندو۔ وڪيلن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ نگران وزيراعظم کان مطالبو ڪيو آهي ته مهانگائي جو نوٽيس وٺي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ