بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

جرمني جي سياحن جو وفد سنڌ جي قديم ماڳ موھن جو دڙو آمد

سنڌي خبرون 17th Jan 2024 275 مناظر

جرمني جي سياحن جو وفد سنڌ جي قديم ماڳ موھن جو دڙو آمد

موهن جو دڙو(رپورٽر)جرمني کان سياحن جو وفد ڊاڪٽر نيلس جي اڳواڻي ۾ قديم ماڳ موهن جو دڙو تي پهتو. ان موقعي تي جرمن سياح موهن جي دڙي جي اسٽوپا گريٽ باٿ ڊي ڪي ايريا ۾ تهذيبي ۽ تاريخي آثارن جو جائزو ورتو.جرمني وفد ميوزيم به گهمي ڏٺو،جرمني سياحن جو هي دورو قديم تهذيب جي ڊرينيج ۽ آرڪيٽيڪچر بابت مشاهدو ڪرڻ هو.ان موقعي تي جرمني وفد جو چوڻ هو تہ هنن جرمني ۾ قديم تهذيب موهن جو دڙو ۽ هڙاپا بابت لٽريچر پڙهيو آهي. ان ڪري هو پاڪستان ۾ انهن ٻنهي ماڳن تي اچي قديم ڊرينيج سسٽم ۽ تهذيبن جي اسٽڪچر جو جائزو وٺڻ پئي چاهيو.هنن چيو تہ لٽريچر پڙهي کين معلومات تہ اڳيئي ملي هئي پر هتي اچي انهن شين جو مشاهدو ڪرڻو هو.جنهن ۾ ڪافي فرق مليو.هنن چيو تہ هتي اچي کين اهو محسوس ٿيو تہ هتان جي قديم ماڻهن بهترين اسٽڪچر ٺاهيا ۽ شهر جو ڊرينيج نظام جوڙيو جيڪو سڌريل ملڪن کان 5 هزار سال پهريون تعمير ٿيو هو.جنهن تي اڄ دنيا فخر ڪري ٿي.هنن چيو تہ کين هنن اوائلي ۽ تاريخي تهذيبن جي متعلق ڳوڙهائي سان مشاهدو ڪري سکڻ گهرجي جئين ايندڙ دور ۾ دنيا اندر ٿيندڙ ترقي جو هڪ معيار جوڙي سگهجي.هنن چيو ته موهن جي دڙي تي ڪنزرويشن جو بهترين ڪم ٿيو آھي.جرمني وفد کي موهن جو دڙو تي مقرر ڊائريڪٽر سيد شاڪر شاه تفصيلي بريفنگ ڏني.ڊائريڪٽر موهن جو دڙو جرمني وفد کي پنهنجو لکيل ڪتاب تحفي طور ڏنو.جرمني وفد جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ