جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

ٺٽي ۾ ڳوٺ محمد اشرف چانڊيو واسي نوجوان جو احتجاج

سنڌي خبرون 07th Jan 2026 199 مناظر
ٺٽي ۾ ڳوٺ محمد اشرف چانڊيو واسي نوجوان جو احتجاج

اسان ڀائرن جي سموري زمين ورهاست ٿيل آهي، پر ڀائر منهنجي زمين تي قبضو ڪري ويٺا آهن: اميد علي چانڊيو

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ڳوٺ محمد اشرف چانڊيو يوسي غلام الله لڳ ڳاهيجو ڳوٺ لڳ ساڪرو روڊ جي رهائشي اميد علي چانڊيو عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ صحافين آڏو دانهندي چيو آهي ته سندس خانداني ۽ اباڻي زمين مان کيس ورهاست ۾ مليل زمين تي سندس ڀائرن سليمان چانڊيو عزيز چانڊيو علي گوهر چانڊيو وارن ملي ڪري قبضو ڪيو ويٺا آهن جنهن زمين مان هنن وڻ ۽ سارين جي فصل سميت ڪٽائي کڻي ويا هن ٻڌايو ته هن اها زمين ديھ سنڌوق تعلقا ساڪرو ۾ آهي جنهن تي سندس ڀائرن قبضو ڪيو آهي جڏهن ته ان بابت ج هن پنهنجي مرشد ڪامورو شريف جي سجاده نشين سميت پ پ پ ايم پي اي رسول بخش چانڊيو کي دانهن ڏني جن پڻ علائقي جي معزز وڏيرن کي خطن ذريعي سندس مسئلو حل ڪرڻ لا۽ چيو پر هو ڪنهن کي به مڃڻ لا۽ تيار نه آهن هن چيو ته سندس ڀائر هن کي ڪٿي به ماري ڇڏيندا هن ايس ايس پي ٺٽو کان فوري انصاف جو مطالبو ڪيو آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ