ہفتہ، 26 ستمبر 2026
بریکنگ

ڊي سي نوشهروفيروز جي هدايتن تي لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ ڀرتي لاءِ انٽرويوز جاري

سنڌي خبرون 04th May 2026 257 مناظر
ڊي سي نوشهروفيروز جي هدايتن تي لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ ڀرتي لاءِ انٽرويوز جاري
نوشھرو فيروز (ڊ ر) ڊپٽي ڪمشنر نوشھرو فيروز محمد ارسلان سليم جي ھدايتن تي گريڊ 1 کان 4 تائين جي آسامين لاءِ لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ انٽرويوز ورتا ويا۔ ان موقعي تي حڪومت سنڌ جي ايس اينڊ جي ڊي جي سيڪشن آفيسر سيد عمران علي، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ راؤ محمد اڪرم، انفارميشن آفيسر عبداللطيف سولنگي، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي جي اي ڊي سفير الحسنين سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي ڊرائيور، ڊريسر، اسٽور ڪيپر، نائب قاصد، بيلدار ۽ چوڪيدار سميت ڪل 25 اسامين لاءِ 320 اميدوارن درخواستون جمع ڪرايون هيون، جن جا انٽرويوز ورتا ويا۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ