بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

ساجد جوکيو پاران ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب فوت ٿيل ناري سميت ٻن ڄڻن وارن واقعن جو نوٽيس

سنڌي خبرون 10th Jun 2025 439 مناظر
ساجد جوکيو پاران ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب فوت ٿيل ناري سميت ٻن ڄڻن وارن واقعن جو نوٽيس
ملير (رپورٽر) ملير سابقه صوبائي وزير ايم پي اي محمد ساجد جوکيو گذريل ڏهاڙي ملير جي نجي اسپتالن ۾ هڪ عورت سميت ٻن ڄڻن جي علاج دوران فوت ٿيڻ جي واقعن تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته حڪيم گبول ڳوٺ واسي نياڻي عارفہ گبول ۽ پپري واسي نوجوان صفدر گبول جي وارثن سان ملاقات ڪري واقعن جا تفصيل معلوم ڪندس ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت ثابت ٿي ملوث عملي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي پيش آيل واقعا افسوسناڪ آهن وارثن پاران مبينا طور تي ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام هنيو ويو آهي جنهن جي حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪرائي ويندي ايم پي اي محمد ساجد جوکيو ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته ملير ۾ هن وقت ميمڻ ڳوٺ دنبه ڳوٺ ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ بهتر اندز ۾ ڪم ڪري رهيون آهن گائني وارڊ پڻ فعال آهن جتي جديد مشينري پڻ ڪم ڪري رهي آهي جتي روزاني جي بنياد تي ڪيترائي مريض علاج جون سهولتون حاصل ڪري رهيا آهن جڏهن ته مين نيشنل هاءِ وي تي وڌيڪ هڪ 50،بيڊ اسپتال جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي جنهن تي ڪم هلندڙ آهي نئي ٺهندڙ اسپتال جي ذريعي گلشن حديد پپري اسٽيل ٽائون سميت ڀرپاسي وارن علائقن جا رهاشي آساني سان سرڪاري سطح مفت صحت جون سهولتون حاصل ڪري سگهنداايم پي اي محمد ساجد جوکيو وڌيڪ چيو ته ملير ۾ هن وقت تيزي سان ترقياتي منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي تعليمي ادارن جو قيام عمل ۾ آڻڻ جديد لائبريري پاڻيءَ جي منصوبن سيوريج جي نظام جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ توڙي نوان روڊ ٺاهڻ جا منصوبن تي ڪم هلندڙ آهيهميشه ملير ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ڪم ڪرايو آهي اسين خدمت جي سياست تي يقين رکندڙ آهيون اسان کي پنهنجي ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ