جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

سکر پوليس واڙي مالڪ کي ھاف فراءِ ڪري ڇڏيو، سندس گھرواري جو احتجاج

سنڌي خبرون 22nd Oct 2023 58 مناظر

مڙس کي گذريل رات پوليس مال جي واڙي مان گرفتار ڪري کڻي وئي ھئي: اقرا مڱريو

سکر (بيورو) سکر پوليس واڙي مالڪ شھزاد مڱريو کي مبينا مقابلي ۾ گولي ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو زخمي جي گھرواري جو احتجاجي مظاھرو ڪندي اقرا منڱريو چيو آھي ت گزريل رات ساءيٽ ايريا ٿاڻي جي پوليس منھنجي مڙس شھزاد منڱريو کي مال جي واڙي واري گھران مان گرفتاري ڪري کڻي وءي رات جو ڪوڙو مقابلو ڏيکاري زخمي ڪري ڇڏيو ھن چيو ت ساءيٽ پوليس شھزاد کي گرفتار ڪرڻ دوران چار مينھون ب ڪاھي وءي آھي ھن چيو پوليس وياجي امداد جاگيراڻي جي سرپرستي ڪري پءي ان جي وانگاري وھندي شھزاد کي مبينا مقابلي ۾ زخمي ڪيو آھي ڪجھ وقت اڳ اسان امداد جاگيراڻي کان چار لک رپيا قرض طور ورتا ھءا چار لک تي يارنھن لک وياج اسان کان ورتو ويو آھي اڃان ھن جو قرض نٿو لھي وياج مٿان وياج ڀريو آھي ھن چيو ت ھو وياجي امداد جاگيراڻي وڌيڪ وياج جا سورنھن لک گھري ٿو پوليس ان وياجي جي وانگار وھندي پوليس منھنجي مڙس کي گرفتار ڪري ڪوڙو مقابلو ڏيکاري شھزاد کي زخمي ڪيو آھي ۽ چار مينھون ب کڻي ويا آھن ھن آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون کان شفاف جاچ ڪري انصاف ڪرڻ جي پڻ اپيل جي مد ڪءي آھي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ