ٺٽو ويجھو ڳوٺ علو تارو ۾ جھيڙي دوران چئن عورتن سميت 9 ڄڻا سخت زخمي
زخمين ۾ مھتاب، تاج محمد، طالب، قربان ۽ ٻيا شامل، کين اسپتال منتقل ڪيو ويو
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ڪينجھر پوليس جي حد ۾ علي بحر لڳ ڳوٺ علو تارو ۾ تارا برادرى جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ گوليون توڙي لٺيون لڳڻ ڪري ٻنھي ڌرين جا 4 عورتن سميت 9 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا اھن، زخمين ۾ مھتاب ولد محمد علي، تاج محمد ولد گلشير، طالب ولد حسن، قربان طالب، سندن 4 نياڻيون ۽ ٻيا شامل آھن، زخمين کي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو، جتان 2 زخمين مھتاب ۽ تاج محمد کي نازڪ حالت ۾ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو اھي، جن کي گوليون ۽ بندوق جا ڇرا لڳل آھن، جھيڙي جو ڪارڻ معلوم ٿي ناھي سگھيو، زخمين ۾ ھڪ ڌر جي 4 عورتن سميت 6 ڄڻا ۽ ٻئي ڌر جا 3 ڄڻا زخمي شامل اھن، ٻنھي ڌرين جا زخمي سول اسپتال مڪلي پھچڻ تي ٻنهي ڌرين ۾ ڪشيدگي وڌي وڃڻ ڪري وڏي پوليس نفري کي طلب ڪيو ويو آھي، جيئن ڪشيدگي تي ڪنٽرول ڪري سگھجي، پر ڪشيدگي برقرار ھجڻ ڪري ٻيھر جھيڙي جي امڪان کي بہ نظر انداز نٿو ڪري سگھجي، ڪينجھر پوليس زخمي ٻنھي ڌرين کي رڳو علاج لاء ليٽر جاري ڪري اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آھي، آخري اطلاعن تائين نہ ڪيس داخل ٿي سگھيو ھو ۽ نہ ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي آھي