جمعہ، 25 ستمبر 2026
بریکنگ

ڏوڪري ويجھو ڳوٺ بخش جتوئي ۾ شھزادي قاسم عه جي سيج جو تاريخي ماتمي جلوس برآمد

سنڌي خبرون 03rd Jul 2025 245 مناظر
ڏوڪري ويجھو ڳوٺ بخش جتوئي ۾ شھزادي قاسم عه جي سيج جو تاريخي ماتمي جلوس برآمد
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ويجھو ڳوٺ بخش جتوئي ۾ شھزادي قاسم عليه السلام جي سيج جو تاريخي ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو. بخش جتوئي جي امام بارگاھ مان ھمت علي جتوئي، طارق جتوئي، شاھد جتوئي جي اڳواڻي ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪندي مجلس عزا منعقد ڪئي وئي، جنھن کي خطاب ڪندي ذاڪرن چيو ته ڪربلا جي سرزمين انسانيت لاءِ هڪ اهم درس آهي، حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جي عظيم قرباني پوري عالم ۾ هڪ مثالي ۽ تاريخ ساز آهي جنهن ۾ انسانيت جي قدر قيمت ۽ حق و باطل جي مورچي ۾ باطل کي هميشه جي لاءِ شڪست ملي وئي ۽ حسينيت زندهه آباد ٿي وئي. مجلس برپا ڪرڻ بعد ماتمي جلوس ۾ عزادارن طرفان سينا زني، زنجير زني ۽ گرزن جو ماتم ڪيو ويو، جيڪو مرڪزي امام بارگاھ پھچي اختتام پزير ٿيو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ