گڏاپ: صحافين کان ڦر ٿيل سامان واپس نھ ٿي سگھيو
صحافين نبي بخش خاصخيلي ۽ عبدالعليم ميمڻ کان ڦر ٿيل سامان نھ مليو
گڏاپ (رپورٽر) صحافين نبي بخش خاصخيلي ۽ عبدالعليم ميمڻ کان ڦر ٿيل سامان ڏھ ڏينهن گذرڻ باوجود واپس نه ٿي سگهيو. گلشن معمار پوليس ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪابه ڪارروائي نه ڪري سگھي. صحافين نبي بخش خاصخيلي ۽ عبدالعليم ميمڻ چيو ته سرعام ڏينھن ڏٺي ھٿيارن جو زور تي مين نادرن باءِ پاس تي اسان کان ڦر ڪئي وئي آھي جنھن لاء پوليس ڏھ ڏينهن گذرڻ باوجود ڪيس ۾ ڪابه اڳڀرائي ناھي ڪئي. ھنن چيو ته گلشن معمار پوليس شھرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام نظر اچي رھي اھي. سوين شھري ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ٿاڻن جا چڪر ڪاٽي رھيا آھن. ھنن آء جي سنڌ. ايڊيشنل آء جي. ڊي آء جي اولھ. ايس ايس پي اولھ کان ڦر ۾ ملوث ڏوھارين کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي