جمعرات، 15 اکتوبر 2026
بریکنگ

ملير: ذڪريا ڳوٺ ۾ معصوم ٻارڙِي ٻڏي فوت ٿي وئي

سنڌي خبرون 31st Aug 2025 147 مناظر
ملير: ذڪريا ڳوٺ ۾ معصوم ٻارڙِي ٻڏي فوت ٿي وئي

5ورهين جي زويا پاڻي جي ٽانڪي ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي وئي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سپر هاءِ وي ٽول پلازه لڳ ذڪريا ڳوٺ ۾ هڪ گهر ۾ 5 ورهين جي نينگري پاڻي جي ٽينڪ ۾ ڪري حياتي وڃائي ويٺي فوتي نينگري جي سڃاڻپ زويا دختر لال دين طور ٿي آهي. واقعي کان پوءِ گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ تڪڙو ئي امدادي ادارن کي اطلاع ڏنو ويو هن پهچي نينگري کي اسپتال منتقل ڪيو ابتدائي طور تي معلوم ٿيو آهي ته حادثو گهر جي اندر پاڻي جي ٽينڪ سبب پيش آيو. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ سوڳ ۽ ڏک جي فضا ڇانئجي وئي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ