بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

ڪوٽڙي جي خورشيد ڪالوني ۾ پوليس جي گهر تي چڙهائي، پورهيت مبينا گرفتار

سنڌي خبرون 06th Nov 2024 224 مناظر
ڪوٽڙي جي خورشيد ڪالوني ۾ پوليس جي گهر تي چڙهائي، پورهيت مبينا گرفتار

پوليس امتياز لاشاري کي بيگناهه کنڀي کڻي وئي آهي: وارث

ڪوٽڙي جي خورشيد ڪالوني ۾ پوليس جي گهر تي چڙهائي، پورهيت مبينا گرفتار، گهر ڌڻين جو چوڻ هو ته ڪوٽڙي سائيٽ پوليس ۽ سي ٽي ڊي طرفان پورهيت حسين بخش لاشاري ۽ امتياز لاشاري جي گهر تي چڙهائي,چار ديواري جو تقدس پئمال ڪري پورهيت امتياز لاشاري کي گرفتار ڪري وئي۔ وارثن جو چوڻ آهي ته پورهيت امتياز لاشاري جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان ڪو تعلق ناهي۔ وارثن طرفان آئي جي سنڌ,ڊائريڪٽر سي ٽي ڊي,وزيراعلي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته پورهيت امتياز لاشاري کي آزاد ڪيو وڃي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ