بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

بحريه يونيورسٽي ڪراچي جي شاگردن جو پاڪستان فشر فوڪ فورم جي مرڪزي آفيس جو دورو

سنڌي خبرون 16th Dec 2025 303 مناظر
بحريه يونيورسٽي ڪراچي جي شاگردن جو پاڪستان فشر فوڪ فورم جي مرڪزي آفيس جو دورو

سيشن دوران ماهيگيري سان لاڳاپيل مختلف اهم موضوعن تي فسرفوڪ اڳواڻ مجيد موٽاڻي تفصيلي بريفنگ ڏني

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) بحريه يونيورسٽي ڪراچي جي 40 شاگردن تي ٻڌل وفد پاڪستان فشر فوڪ فورم جي مرڪزي آفيس ابراهيم حيدري پهتو جتي شاگردن لاءِ هڪ معلوماتي سيشن منعقد ڪيو ويو سيشن دوران ماهيگيري سان لاڳاپيل مختلف اهم موضوعن تي فسرفوڪ اڳواڻ مجيد موٽاڻي تفصيلي بريفنگ ڏني جن ۾ سامونڊي پاڻي جي وير آلڙ ۾ ايندڙ تبديليون، هاءِ ٽائيڊ ۽ لو ٽائيڊ جا ڏينهن ۽ رات جا وقت، تمر جي اهميت، قيدي ماهيگيرن جي گرفتاري ۽ سندن گهر ڀاتين جا مسئلا، گڏوگڏ سمنڊ ۾ وڌندڙ گدلاڻ جهڙا موضوع شامل هئا سيشن ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن مختلف سوال پڇيا ۽ ماهرن کان قيمتي ڄاڻ حاصل ڪئي، جنهن سان شاگردن جي ڄاڻ ۾ واڌارو ٿيو ۽ عملي مسئلن کي سمجهڻ جو موقعو مليو۔ان موقعي تي جيوٽيڪ انسٽيٽيوٽ ڪراچي جو عارف خانزادہ پڻ موجود هو، جنهن شاگردن کي لاڳاپيل موضوعن بابت رهنمائي فراهم ڪئي۔ سيشن جي پڄاڻي تي شاگردن اهڙين تعليمي سرگرمين کي ساراهيندي مستقبل ۾ وڌيڪ اهڙن سيشنن جي انعقاد جي خواهش ظاهر ڪئي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ