جمعہ، 16 اکتوبر 2026
بریکنگ

سجاول ويجھو اُرڙي تي ضابطو نھ آيو، 8 ٻارڙن جي حالت ڳڻتي جوڳي

سنڌي خبرون 09th Jan 2024 81 مناظر

سجاول ويجھو اُرڙي تي ضابطو نھ آيو، 8 ٻارڙن جي حالت ڳڻتي جوڳي

سجاول (رپورٽر) سجاول ويجهو ڳوٺ راهب آمڙو ۾ ارڙي جي خطرناڪ وباڦيلجي ويئي ڪجه ڏيهن پهرين هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو 8 ٻارڙن جي حالت نازڪ ضلعي صحت کاتو اگهور ننڊ ستل ڳوٺاڻن جو ڊي جي هيلٿ کان نوٽيس جو مطالبو تفصيل موجب ڳوٺ راهب آمڙو ۾ ارڙي جي مرض تباهي مچائي ڇڏي ڳوٺاڻن موجب ٻه هفتا پهرين سليم ولد اميد علي فوت ٿي ويو جڏهن ته هڪ مهيني اندر 30کان وڌيڪ ٻارڙا ارڙي ۾ وٺجي ويا هن وقت به 8ٻارڙن جي نازڪ حالت آھي جن ۾ 4سالن جو عابد علی 5سالن جو سجاد علي4سالن جو شاهزيب انيلان منٺار علي نذر علي ۽ ٻيا شامل آھن ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته ضلعي صحت کاتي اسان جي ڪابه سار ناهي لڌي اسان جا معصوم ٻار ارڙي جي خطرناڪ مرض ۾ اذيت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آھي ته ايمرجنسي بنيادن تي ميڊيڪل ڪئيمپون قائم ڪري وڌيڪ زندگيون ذائع ٿيڻ کان بچايون وڃن
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ