نوشھروفيروز ويجھو مڙس ھٿان زال گھٽا ڏئي قتل، جوابدار گرفتار
نوشھروفيروز ويجھو مڙس ھٿان زال گھٽا ڏئي قتل، جوابدار گرفتار
نوشهرو فيروز (ڊر) ڳوٺ مبارڪ ڏنگراج ۾ مڙس پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو. مڙس عمير ٻاٽ پنھنجي زال صابرا کي گھٽا ڏئي قتل ڪيو. اطلاع تي نوشهروفيروز پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي، پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو. جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ھوڏانھن نوشهروفيروز پوليس جوابدار عمير ٻاٽ کي گرفتار ڪري ورتو آھي. پوليس موجب جوابدار زال کي ڪارنھن تھمت ھڻي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آھي. ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي