بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

ڏهرڪي پوليس جو مسافر خاني تي ڇاپو، 3 ڄڻا گرفتارم نقل گيھ ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ

سنڌي خبرون 14th Nov 2023 42 مناظر

ڏهرڪي پوليس جو مسافر خاني تي ڇاپو، 3 ڄڻا گرفتارم نقل گيھ ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ

ڏھرڪي(رپورٽر) ڏهرڪي پوليس جو مسافر خاني تي ڇاپو پوليس چاپي دوران مسافر کاني مان وڏي مقدار ۾ کاڌي ۾ استعمال ٿيندڙ غير معياري نقلي گھيه جا ٽين ۽ مشنري هٿ ڪري ٽن جوبدار کي گرفتار ڪري ورتو پوليس گرفتار ڪيل جوبدران ۽ هٿ ڪيل گهي جا ٽين پوليس موبائل ۾ ٿاڻي تي کڻي آئي پوليس غير معياري گهي جي وڪري جو ڪاروبار ڪندڙ خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران بااثر جي مداخلت نقلي گھي جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوئڻ لڳي پوليس جي اهڙي عمل خلاف شهرين ۾ سخت تاء پکڙيل ايس ايس پي گهوٽڪي کان نوٽس وٺي نقلي گھي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪاروائي جو مطالبوخبر موجب ڏهرڪي پوليس پاران گذريل رات دير سان شهر جي مين روڊ ڀر سان مسافرخاني ۾ چاپو هڻي وڏي مقدار ۾ نقلي گھي جا ٽين ۽ مشنري هٿ ڪري گرفتار ڪيل ٽنهي جوبدار ۽ هٿ ڪيل غير معياري گهي جا ٽين ۽ ڪارٽون پوليس موبائل ۽ لوڊر رکشن تي لوڊ ڪري ٿاڻي تي کڻي آئي جڏهن ته ايس ايڇ او ڏهرڪي اقبال ڊومڪي گرفتار ڪيل جوبدارن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ بدران کيس گم ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته پوليس بااثر جي مداخلت تي ڳري رشوت عيوض نقلي گھي جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف رات دير تائين ڪيس داخل ڪرڻ بدران ٽال مٽول ڪندي کيس لنوئڻ لڳي هئي جنهن بعد پوليس جي اهڙي عمل خلاف شهرين ۾ سخت تاء پکڙجي ويو ان سلسلي ۾ شھرين جو چوڻ هو ته گرفتار ڪيل جوبدار ڪيتري عرصي کان شهر ۽ ڀرپاسي ۾ غير معياري ۽ نقلي گهي وڪرو ڪري رهيا هئا جنهن جي استعمال سبب ڪيترائي انسان مختلف بيمارين ۾ وڪوڙي ويا هوندا جنهن وڏي جاکوڙ سان شهرين گھي ٺاهيندڙ ڪارخاني جي نشانداهي ڪري پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن بعد اطلاع تي پوليس بروقت ڪاروائي ڪندي ڪارخاني مان وڏي مقدار ۾ گھي هٿ ڪري نقلي گھي ٺاهڻ جو ڪاروبار ڪندڙ ٽن جوبدران کي گرفتار ڪيو آهي پر پوليس جوبدارن کي ٿاڻي تي لاڪپ ڪرڻ بدران نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو جنهن بعد پوليس بااثرن جي مداخلت تي کيس ڳري رشوت عيوض ڪيس داخل ڪرڻ بدران ٽال مٽول ڪندي لنوائي رهي آهي جنهن بعد اسان کي خدشو آهي ته گرفتار جوبدار آزاد ٿي ٻيهر نقلي گھي ٺاهي انساني زندگين کي نقصان پهچائيندا انهن مطالبو ڪيو ته بنا دير جي گرفتار ڪيل جوبدارن مٿان ڪيس داخل ڪري غير معياري گھي جو ڪاروبار ڪندڙ مک ڊيلر کي گرفتار ڪيو وڃي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڏهرڪي پوليس ٻڌايو ته گرفتار ڪيل جوبدارن کان جاچ ڪري رهيا آهيون جاچ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ