جمعہ، 16 اکتوبر 2026
بریکنگ

ٺٽو پوليس جي ڪارروائي، 3 منشيات فروش گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سنڌي خبرون 08th Sep 2025 237 مناظر
ٺٽو پوليس جي ڪارروائي، 3 منشيات فروش گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
ٺٽو (ڊر) ٺٽو پوليس ڪارروائي ڪندي انڊين سفينا ۽ گٽڪو مٽيريل سپلاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي ، پوليس ٻن گاڏين مان هزارين پڙيون انڊين سفينا ۽ گٽڪو مٽيريل هٿ ڪري ٽي جوابدار گرفتار ڪري ورتا آهن. خبر موجب جھرڪ ٿاڻي جي ايس ايچ او انسپيڪٽر بهادر خان جمالی ۽ سندس ٽيم خفيه اطلاع تي شيخ اسماعيل چڙھائي وٽ ڪارروائي ڪئي. ان دوران هڪ ڪورولا ڪار (BGW-254) مان 5170 پڙيون ڀارتي سفينا ۽ هڪ مهران ڪار (ARX-762) مان 40 ڪلو گٽڪو مٽيريل ۽ 300 پڙيون ماوا هٿ ڪيا ويا.پوليس ٽي جوابدار ــ حبيب الله ولد عبدالله لاشاري، محمد اعظم ولد محمد اشرف لاشاري، رهائشي لياري ڪراچي ۽ سردار علي ولد غلام محمد ،رهائشي ضلعو ڄامشورو ، کي گرفتار ڪري ٻنهي گاڏين کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.واقعي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيلن خلاف جھرڪ ٿاڻي تي گٽڪو ايڪٽ تحت الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.پوليس اختيارين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته منشيـات ۽ گٽڪو مافيا خلاف سخت ڪارروائين جو سلسلو جاري رهندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ