بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

ٽنڊو آدم ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار پاران شھر جو دورو

سنڌي خبرون 12th Oct 2023 118 مناظر

اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار عام واھپي جي شين جي اگھن جو معائنو ورتو

ٽنڊو آدم (رپورٽر) اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار ٽنڊوآدم پاران شھر جو دورو روزمره جي شين جا وڌيڪ اگھ وٺڻ تي 15 کان وڌيڪ دڪاندارن تي ھزارين روپيه ڏنڊ ھنيو رپورٽ موجب . ڊي سي سانگھڙ جي حڪم تي اسسٽنٽ ڪمشنر عمران خان جسڪاڻي . مختيارڪار پنيل عرف رافيل اڪبر ميمڻ . بيرو آف سپلاء انسپيڪٽر شاھد شاھ پوليس اٽالي سان شھر جي مختلف مارڪيٽن جو دورو ڪيو ان موقعي تي ڪريانه ۽ ڀاڄين جي دڪاندارن تي سرڪار پاران ڏنل ريٽ مطابق شيون وڪرو نه ڪرڻ توڙي ريٽ لسٽون نه ھئڻ تي مٿن ھزارين روپيه ڏنڊ ھنيو جيڪو موقعي تي وصول ڪيو ويو ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر عمران خان جسڪاڻي ۽ مختيارڪار پنيل عرف رافيل اڪبر ميمڻ دڪاندارن کي تنبيه ڪئي ته سرڪار پاران ڏنل ريٽ مطابق شيون وڪرو ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي .
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ