بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو احتجاج

سنڌي خبرون 27th Apr 2026 324 مناظر
نوشهروفيروز ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو احتجاج

مرضي سان پرڻو ڪيو آهي، ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو: صائمه ڪورائي

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جي پريس ڪلب آمد، مورو ويجهو ڳوٺ سونهري جي رهواسڻ ناري صائمه ڪورائي پنهنجي مڙس سجاد کوسو سان گڏ ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آهي ته مون پنهنجي مرضي سان سجاد کوسو سان عدالتي پرڻو ڪيو آهي مونکي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو جيئڻ جو حق ڏنو وڃي هن چيو ته پيار جي پرڻي کانپوءِ مائٽ جان جا ويري بڻجي ويا آهن جنهن سبب عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آھيون حفيظ، ذوالفقار، عابد ۽ ٻيا جان کان مارڻ لاءِ هٿياربند ٿي ڳولي رهيا آهن جنهن سبب دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهيون هنن سيشن جج ۽ ايس ايس پي نوشھروفيروز سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڌمڪيون ڏيندڙ جاني دشمن بڻيل مائٽ خلاف قدم کڻي تحفظ فراهم ڪيو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ