بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

ڊگھڙي ڪولھي اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن سينٽرل ڪميٽي جو اھم اجلاس

سنڌي خبرون 27th Aug 2023 339 مناظر

اجلاس مرڪزي صدر پريم راٺوڙ ڪولھي جي صدارت هيٺ نيو دمبالو سٽي ۾ منعقد ڪيو ويو

ميرپورخاص(بيورورپوٽ)ڊگھڙي ڪولھي اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن سينٽرل ڪميٽي جو اھم اجلاس مرڪزي صدر پريم راٺوڙ ڪولھي جي زيري صدارت نيو دمبالو سٽي ۾ منعقد ڪيو ويو اجلاس ۾ مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن ڪامريڊ ڪيشن ڪولھي ڪامريڊ جگديش مڪواڻا ڪامريڊ پريم راٺوڙ ڪولھي ساگر ڪولھي رميش ڪمار ڪولھي چيتن ڪولھي امن ڪولھي شيون ڪمار انيش مڪواڻا ۽ ٻين شرڪت ڪئي اجلاس ۾ مرڪزي باڊي کي ڊيزول ڪري متعفق طور تي نئي باڊي چونڊي وئي فيصلو ڪيو ويو 27 اگسٽ تي فريڊم فائيٽر امر روپلو ڪولھي جي 164 ھين ورسي ۽ مرڪزي ڪنوينشن جي تقريب نيو دمبالو سٽي ۾ منعقد ڪئي ويندي تقريب ۾ چونڊجي آيل باڊي انائونس ڪري مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن کي حلف کڻايو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ