جمعرات، 15 اکتوبر 2026
بریکنگ

مورو ۾ پ ٽ الف پاران استادسيد نظير علي شاھ جي مان ۾ الوداعي تقريب منعقد

سنڌي خبرون 11th Jan 2024 261 مناظر

مورو ۾ پ ٽ الف پاران استادسيد نظير علي شاھ جي مان ۾ الوداعي تقريب منعقد

مورو (جاني جماڻي) پ ٽ الف سان گڏ استاد پيشي کي پنھنجي زندگي جا 60 سال ارپيندڙ پ ٽ الف صدر استاد محترم سائين سيد نذير علي شاھ کي الوداع ڪرڻ جنم ڏڻ کي سيليبريٽ ڪرڻ لاءِ ھڪ تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ پ ٽ الف جي مرڪزي قيادت سميت استادن سياسي سماجي علمي ادبي حلقي سان واسطو رکندڙن صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي سيد نذير علي شاھ کي گلن اجرڪن ٽوپين نوٽن جي ھارن جي تحفن سان سنڌ جي بوسڪي جي پٽڪي جو تحفو پڻ پيس ڪيو ويو.ھن تقريب ۾ موجود استادن مقررن خطاب دوران اکيون لڙڪن سان ڀريل رھيون. جڏھن تہ تقريب ايندڙن معزز استادن سياسي سماجي علمي ادبي حلقي سان واسطو رکندڙن صحافين کي پڻ اجرڪن لونگين جا تحفا ڏنا ويا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ