جمعرات، 05 نومبر 2026
بریکنگ

ڀينس ڪالوني پيرانو ڳوٺ ۾ گهر اندر اوچتو باهه، پيرسن شهري سڙي فوت

سنڌي خبرون 04th Nov 2026 17 مناظر
ڀينس ڪالوني پيرانو ڳوٺ ۾ گهر اندر اوچتو باهه، پيرسن شهري سڙي فوت
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڀينس ڪالوني نمبر 12 جي پيرانو ڳوٺ ۾ گهر اندر اوچتو باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ پيرسن شهري ستار جاکرو سڙي فوت ٿي ويو، جڏهن ته واقعي سبب علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ واري فضا ڇانئجي وئي شروعاتي اطلاعن موجب گهر اندر مبينا طور بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي، جنهن ڏسندي ئي ڏسندي گهر جي هڪ حصي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. باهه جي شدت سبب گهر اندر موجود سامان پڻ متاثر ٿيو، جڏهن ته گهر ۾ موجود پيرسن شهري باهه جي لپيٽ ۾ اچي سخت سڙي زخمي ٿي پيو اطلاع موجب پيرسن شهري ستار جاکرو زخمن جا سور نه سهندي واقعي واري هنڌ ئي دم ڏئي ڇڏيو. واقعي کانپوءِ وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته پاڙي وارن ۽ علائقي واسين ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي.واقعي جي اطلاع تي علائقي ۾ خوف ۽ پريشاني پکڙجي وئي. شروعاتي طور باهه لڳڻ جو ڪارڻ شارٽ سرڪٽ ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته واقعي جا اصل سبب لاڳاپيل اختيارين جي جاچ کانپوءِ ئي سامهون اچي سگهندا علائقي واسين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ گهرن ۾ بجلي جي وائرنگ جي حفاظت بابت ضروري قدم کنيا وڃن ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن افسوسناڪ واقعن کان بچي سگهجي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ