جمعہ، 16 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڪراچي پوليس پاران مقابلي دوران 2 ڏوھاري مارڻ جي دعويٰ، ھڪ اھلڪار زخمي

سنڌي خبرون 24th Nov 2023 258 مناظر

ڪراچي پوليس پاران مقابلي دوران 2 ڏوھاري مارڻ جي دعويٰ، ھڪ اھلڪار زخمي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مبينه مقابلو، 2 جوابدار مارجي ويا، اهلڪار زخمي، پوليس موجب ايم اي جناح روڊ تي لائيٽ هائوس وٽ ڦورو شهرين کان ڦرلٽ ڪري رهيا هئا ته پوليس پهچي وئي، ان دوران جوابدارن سان مقابلو ٿيو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 جوابدار مارجي ويا، جڏهن ته جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار به زخمي ٿي پيو. پوليس موجب مارجي ويل جوابدارن جي قبضي مان پستول، گوليون، موبائيل فون ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي، مارجي ويل جوابدارن جي فوري سڃاڻپ نه ٿي سگهي. جوابدارن جا لاش ۽ زخمي اهلڪار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ