ميرپورخاص ۾ دستگير ٽائون واسي پورھيت جو بااثرن خلاف احتجاج
دليپ ڪمار مالهي ۽ واسو مل مالھي ٺڳي ڪري منهنجو گهر ڦٻايو: شفيع محمد نهري
ميرپورخاص (بيورو رپوٽ) دستگير ٽائون جي رهواسي شفيع محمد نهري ايوان صحافت پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته دليپ ڪمار مالهي ۽ واسو مل ممالھي ڪوڙ ۽ ٺڳي ڪري منهنجي گهر کي ڦٻائي ويا آهن. ٻه سال اڳ دليپ ڪمار مالهي پهريان مون کي ڪاروبار لاءِ 11 لک رپيا ڏنا ۽ پوءِ ڪجهه وقت کانپوءِ چيو ته اها رقم وياج تي آهي، هاڻي تون اصل رقم ۽ وياج فوري طور ادا ڪر. ۽ مون کي تمام گهڻو پريشان ڪيو. مون چيو ته مون وٽ هن وقت پئسا نه آهن. تنهن ڪري دليپ ڪمار مالهي چيو ته تون پنهنجو گهر اسان کي هئي رقم ۽ وياج جي رقم ۾ گهر وڪڻي ڏي. ٻي صورت ۾، اسان توهان کي تمام گهڻو نقصان ڪنداسين. جنهن بعد هنن مون کي مجبور ڪيو ته منهنجو گهر واسو مل مالهي. جي نالي تي رجسٽري ڪرائي ۽ هن وڌيڪ چيو ته گهر جي رجسٽري جي ڪاغذن تي دستخط ڪري مون کي ڪار ۾ يرغمال بڻائي کڻي ويا. جنهن کان پوءِ اڄ تائين درٻدر جي زندگي گذاري رهيو آهيان. هن وڌيڪ هن چيو ته دليپ ڪمار مالهي ۽ واسو مل مالهي بليڪ ميلر آهن جيڪي فراڊ ۽ جعلسازي ذريعي ماڻهن کي ڦري سندن ملڪيتون ضبط ڪرڻ تي مجبور ڪندا آهن.