جمعہ، 25 ستمبر 2026
بریکنگ

رتوديرو ويجهو ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

سنڌي خبرون 17th Mar 2024 401 مناظر

رتوديرو ويجهو ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

رتوديرو (رپورٽر) رتوديرو ڀرسان هٿياربندن ڦر مزاحمت تي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، وارثڏنوماڇي ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ شير محمد عارباڻي جي رهواسي 18 ورھين جي نوجوان سواد علي پٽ غلام الله عارباڻي کان نامعلوم هٿياربند ڦورن ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دؤران مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن نوجوان کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس واقعي واري هنڌ نہ پهچڻ سبب مقتول جو لاش جاءِ وادرات تي پيل آھي، جڏھن تہ نوجوان جي وارثن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت هٿياربندن جا پيرا کنيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ مقتول نوجوان جي مامي خمار عارباڻي جو چوڻ هيو تہ منهنجو ڀاڻيجو ڳوٺ اچي رهيو هو تہ رستي ۾ ٽن نامعلوم هٿياربندن سندس کان ڦر جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي سندس کي قتل ڪيو ويو آهي ڦورن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، هوڏانھن نوجوان جي قتل جو اطلاع ملندي ئي سندس جي گهر ۾ ڪهرام متل آھي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ