بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

انساني حقن جي ڀڃڪڙين بابت سيمينار ڪرائڻ بابت سيڪشن آفيسرز ٺٽي پهچي ويا

سنڌي خبرون 06th Nov 2024 144 مناظر
انساني حقن جي ڀڃڪڙين بابت سيمينار ڪرائڻ بابت سيڪشن آفيسرز ٺٽي پهچي ويا

سيڪشن آفيسر سعيد سومرو، سيڪشن آفيسر عاشق حسين ابڙو ٺٽي پھتا

ٺٽو( شفيق ڀٽي)سيڪريٽري انساني حقوق حڪومت سندھ تحسين فاطمہ ڊائريڪٽر هيومن رائيٽس سنڌ آغا فخر حسين جي خاص هدايتن تي انساني حقن جي ٿيندڙ خلاف ورزين ۽ انساني حقن واري کاتي طرفان ضلع ۾ سيمنار پروگرام منتعقد ڪرڻ جي حوالي سان سيڪشن آفيسر سعيد سومرو، سيڪشن آفيسر عاشق حسين ابڙو ٺٽي پھتا انچارچ شڪايت سيل ٺٽو سجاول الطاف حسين تنيو سان گڏجي ضلع آفيسرن اسٽيڪ هولڊرز، هاءِ ڪورٽ بار جي خزانچي حاڪم علي شر جي اڳواڻي ۾ وڪيلن جي وفد عالمي انساني حقن جي تنظيم خواتين ونگ جي بيبي ياسمين شاھ حميرا علي سوشل ويلفيئر کاتي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدابخش بھراني ايڊوڪيٽ فرحان شمس ميمن تعمير خلق فائونڊيشن جي فوڪل پرسن سان ملاقات انساني حقن جي ٿيندڙ خلاف ورزين ۽ سمينار جي حوالي سان تفصيلي ڳالھيون سنڌ حڪومت جي هيومن رائٽس ڊپارٽمينٽ پاران ضلعي ۾ انساني حقن جي حوالي سان هڪ پروگرام منعقد ڪيو ويندو سنڌ حڪومت جي انساني حقن واري کاتي جي آفيسرن ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان ڊي آءِ بي انچارج اي ڊي شيخ ڊي ايس پي شڪايت سيل سيل سيد افتخار شاهه سان آفيس ۾ ملاقات ڪئي جڏھن تہ ايس ايس پي آفيس ۾ قائم هيومن رائٽس سيل ۽ وومين چائلڊ پروٽيڪشن سيل جو دورو ڪيو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ