جمعہ، 16 اکتوبر 2026
بریکنگ

صحت واري نگران صوبائي وزير پاران ٺٽي جي مختلف اسپتالن جو دورو، سھولتن جي کوٽ تي ڪاوڙ جو اظھار

سنڌي خبرون 23rd Nov 2023 91 مناظر

صحت واري نگران صوبائي وزير پاران ٺٽي جي مختلف اسپتالن جو دورو، سھولتن جي کوٽ تي ڪاوڙ جو اظھار

ٺٽو ( رپورٽ شفيق ڀٽي) سنڌ جي صحت، پبلڪ هيلٿ ۽ سماجي ڀلائي واري نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز چيو آهي ته ڊاڪٽرن جو پيشو مقدس ۽ مريض لاءِ مسيحا ھوندو آهي جيڪو انساني زندگي بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، جنهن هڪ زندگي بچائي ڄڻ پوري انسانيت کي بچايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سول اسپتال مڪلي جي ايمرجنسي، بلڊ بئنڪ، ڊينٽل وارڊ، هيپاٽائيٽس، ميڊيڪل وارڊ، ٽراما سينٽر او ٽي، ايمرجنسي ۽ ٻين مختلف شعبن جو دورو ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن کليل ڪچري جي دٻي ۾ استعمال ٿيل سرنجون ۽ ڊرپس جي موجودگي ۽ مريضن لاءِ بسترن تي چادر ۽ ڪمبل نه هجڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سول سرجن کي هدايت ڪئي ته اسپتال جي سمورن وارڊن ۾ مريضن لاءِ چادرون ۽ ڪمبلن جي فراهمي کي يقيني بڻائي تصويرن سان گڏ جلد رپورٽ موڪلي وڃي. هن مريضن کان سهولتن جڏھن تہ ڊاڪٽرن کان درپيش مسئلن بابت تفصيلي ڄاڻ پڻ حاصل ڪئي ۽ سول سرجن کي هدايت ڪئي ته مريضن کي بهتر طبي سهولتون ۽ مفت دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي هن آڪسيجن جي کوٽ جي شڪايت تي ڊاڪٽرن کي آڪسيجن فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو. هن مرف انتظاميه کي هدايت ڪئي ته ڪنهن به سبب جي ڪري بجيٽ دير سان جاري ٿيڻ جي باوجود اسپتال جو نظام ۽ معاملا روڪيا نه وڃن ته جيئن مريضن کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي. هن چيو ته مليريا ٽيسٽ جون سهولتون صبح 8 وڳي کان رات 8 وڳي تائين جاري رکيون وڃن. بلڊ بئنڪ انتظاميا پاران رت جي ڊونرن جي معاملي تي هُن چيو ته ڊاڪٽر ۽ بلڊ بئنڪ انتظاميه پاڻ ۾ باهمي لاڳاپا قائم ڪن ۽ جيڪي مريض ڊونرن جو بندوبست نه ٿا ڪري سگهن انهن کي رت جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ان ڏس ۾ انڊس اسپتال جي انتظاميہ سان ڳالھائي جلد مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ھُن 1122 ايمبولينس جو معائنو ڪندي چيو ته هن وقت سڄي سنڌ ۾ 371 ايمبولينسون ڪم ڪري رهيون آهن جڏهن ته اسان کي ڪل 1200 ايمبولينس جي ضرورت آهي ته جيئن اسان 10 منٽن ۾ پنهنجي ٽارگيٽ تائين پهچي سگهون. هن چيو ته اميد آهي ته ايندڙ مهيني تائين 500 وڌيڪ ايمبولينسون دستياب ٿي وينديون. ان موقعي تي اسپتال جي ملازمن پاران مسئلا پيش ڪيا ويا جنهن ۾ خاص طور تي رهائشي ڪالوني ۾ سوئي گيس نه ھئڻ جي شڪايت تي صوبائي وزير گيس جو مسئلو حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو. بعد ۾ صوبائي وزير ٺٽي ۾ نمن واري اسپتال جي عمارت جي مرمت ۽ بحالي واري ڪم جو افتتاح پوليو سبب متاثر ليڊي ڊاڪٽر آمنه شمس کان ڪرايو. ان موقعي تي هن اسپتال جي مختلف شعبن جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ اسپتال جي صفائي سٿرائي سميت بهتر انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته نانگ جي ڏنگ ۽ ڪتي جي چڪ جي مريضن لاءِ ڊريسنگ روم ۽ دوائن جي موجودگيءَ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وينديون. هن چيو ته نمن واري اسپتال پاران فراهم ڪيل ايس اين اي پڻ منظور ڪئي وئي آهي ته جيئن هن صحت مرڪز کي بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهجن. بعد ۾ صوبائي وزير پريس ڪلب ٺٽو جو دورو ڪيو، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ھُن چيو ته ڪيترن ئي ڏھاڪن کان بگڙيل نظام کي ٿوري وقت ۾ صحيح ڪرڻ تمام مُشڪل آھي، جيڪڏهن ايمانداري، سچائي ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڪم ڪيو وڃي ته ايندڙ ٽن سالن ۾ سنڌ جي صحت جي صورتحال تبديل ٿي ويندي. هن چيو ته دوري دوران سمورن مسئلن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ هو ڪوشش ڪري رهيا آهن ته گهٽ وقت ۾ بهتر ڪم ڪن ته جيئن ادارن کي بهتر بڻائي هڪ مثال قائم ڪري سگهجي. هن چيو ته سول اسپتال ۾ سي ٽي اسڪين ھئڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته ايم او يو تحت مرف جي ڪارڪردگي کي جانچيو ويندو ته اهي فنڊنگ جي بدلي ۾ شيون فراهم ڪري رهيا آهن يا نه، جيڪڏهن اهي شيون فراهم نه ڪري رهيا آهن ته پوءِ ڪانٽريڪٽ. پورو نه ٿيندو ان کان علاوه انهن جي آڊٽ به ڪرائي ويندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چائلڊ پروٽيڪشن تحت فاطمه ڦورو جي افسوسناڪ واقعي جو نوٽيس ورتو ويو آهي سندس وارثن کي گهر ۽ بهتر وڪيلن جي ٽيم فراهم ڪئي ويندي ته جيئن کيس انصاف فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته ٻارن جي تحفظ سان گڏو گڏ سينيئر سٽيزن ۽ بحالي تي به ڪم ڪيو پيو وڃي. بعد ۾ هن شهيد عظيم اُنڙ ويل گهر جو پڻ دورو ڪيو ۽ سموري صورتحال جو جائزو ورتو. ان کان اڳ صوبائي وزير پراڻي ڌاٻيجي واٽر سپلاءِ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي نگران صوبائي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته فراهم ٿيندڙ پاڻي جي باقاعده ٽيسٽ ڪئي ويندي آهي، اٽڪل چوڏهن ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿيندي آهي جڏهن ته پائپ لائنون به 40 سال پراڻيون آهن ۽ پاڻي جا کوهه به صفائي نہ ھئڻ ڪري هن وقت بند پيل آهي جڏهن ته بلال نگر ۾ هلندڙ اسڪيم تي عمل نه ٿي رهيو آهي جنهن سبب پائيپ لائينون نه وڇايون ويون آهن. ان موقعي تي نگران صوبائي وزير ايڊيشنل سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ مشتاق احمد کي موقعي تي ئي سمورين شڪايتن کي فوري طور حل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ان کان اڳ صوبائي وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز زهرا ۽ ممتاز ويلفيئر ڪلينڪ لڌيا جو دورو ڪيو، ان موقعي تي هن ڪلينڪ جي ڪم جي واکاڻ ڪندي ان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو ۽ پنهنجي هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو. صوبائي وزير شيخ زيد اسپتال ميرپور ساڪرو ۽ آر او پلانٽ دريا پير جو به دورو ڪيري صورتحال جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن چيو ته عوام کي صحت ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هُن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته عوام کي صحت، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وڃي. بعد ۾ صوبائي وزير رورل هيلٿ سينٽر گهارو جو دورو ڪري مختلف شعبن جو معائنو ڪيو ۽ صفائي سٿرائي جي ناقص انتظامن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته صفائي سٿرائي سميت عوام کي بهتر طبي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ