ٺٽو: عشرزڪوات ڪميٽي پاران ٿيليسيميا ۾ مبتلا نينگر جي مالي مدد
مڪلي واسي اصغر ڀٽي جي بيمار پٽ کي 10 ھزار رپين جو چيڪ ڏنو ويو
ٺٽو( ڊر) عشر زڪوات ڪميٽي ضلعي ٺٽي جي چيئرمين حاجي عبدالڪريم شورو پاران پنھنجي مڪلي واري آفيس ۾ مڪلي واسي اصغر ڀٽي جي ٿيليسيميا بيماري ۾ مبتلا پٽ کي عشر زڪوات کاتي طرفان علاج جي مدد ۾ 10 ھزار روپين جو چيڪ ڏنو، ان موقعي تي عشر زڪوات ڪميٽي ضلعي ٺٽي جي چيئرمين حاجي عبدالڪريم شورو چيو تہ اسان في سبيل الله غريب ماڻھن جي بنا فرق جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف بڻيل آھيون، ھن چيو تہ مڪلي واسي پورھيت اصغر ڀٽي جو پٽ رت جي کوٽ واري بيماري ٿيليسيميا ۾ مبتلا اھي، جنھن کي ھر واري رت چڙھي ٿو، جنھن کي 10 ھزار روپين جو مالي مدد طور چيڪ ڏنو ويو اھي، جيئن ان جي ٿوري گھڻي مدد ٿي سگھي. ھن چيو تہ سندن آفيس جا عوام لاء ھر وقت دروزا کليل اھن، جتي عوام جي بنا فرق جي خدمت جاري آھي.