جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

ايس ايل ايف شڪارپور جي حلف برداري تقريب منعقد ڪئي وئي

سنڌي خبرون 13th Jan 2025 253 مناظر
ايس ايل ايف شڪارپور جي حلف برداري تقريب منعقد ڪئي وئي

شڪارپور جي مسئلن جا حل لاڳاپيل ڌرين جي نيڪ نيتي سان مشروط آھن: رٽائرڊ جسٽس حيدر علي ابڙو

شڪارپور (احسان ابڙو) ايس ايل ايف شڪارپور جي حلف برداري تقريب، اڳواڻن شڪارپور جي مسئلن جا حل لاڳاپيل ڌرين جي نيڪ نيتي سان مشروط ڪري ڇڏيا، سوشل اينڊ لٽرري فورم ، شڪارپور جي نئين چونڊيل باڊي حلف برداري جي پروقار تقريب صوفي ٻڌل لائبريري اسڪائوٽ ھيڊ ڪوارٽر ۾ ٿي گذري نون چونڊجي آيل عهديدارن کي حلف کڻائيندي صدارتي تقرير ۾رٽائرڊ جسٽس حيدر علي ابڙو چيو ته شڪارپور جي مسئلن جا حل لاڳاپيل ڌرين جي نيڪ نيتي سان مشروط آھن شڪارپور جي علمي ،ادبي، ۽ تاريخي ورثي کي اجاگر ڪري پنھنجي پنھنجي حصي جو ڪردار نڀائڻ جي ضرورت آھي. ھن وڌيڪ چيوته ڪامياب جھدجھدن جي تاريخ جو دارومدار ماڻھن جي تعداد تي نه پر گھربل خلوص ۽ معيار تي آھي اڃوڪا شڪارپور جا پاڙيسري ضلعا ماضي ۾ سندس ماتحتي رھي ڇڪا آھن ذوالفقار علي ڀٽو تر جي سياستدانن ۽ بااثرن جي مخالفت باوجود شاگرد قيادت جي مطالبي تي شڪارپور کي ضلعي حيثيت ڏياري، فورم چيئرمين ۽ ڪالمسٽ نسيم بخاري ان موقعي تي چيو ته عظيم انسانن کي اجاگر ڪري ھن دور جي ضميرن کي جنجھورڻ جي جستجو ڪري رھيا آھيون. سماجي اڳواڻ ۽ فورم جي وائيس چيئرمين پرويز ابڙو ان موقعي تي چيو ته نئين ٽھي کي اتساهه ۽ اعتماد جي سخت ضرورت آھي. فورم جي سيڪريٽري آصف شيخ چيو ته باشعور فردن جو قومي سجاڳيءَ ۾ اھم ڪردار ھوندو آھي، تقريرن کان اڳ حيدر علي ابڙو چيئرمين نسيم بخاري، وائيس چيئرمين پرويز ابڙو ، سيڪريٽري آصف شيخ ، فنانس سيڪريٽري محبت بابلاڻي، انفرميشن سيڪريٽري غلام علي گل توڙي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي ميمبرس رفيق دايو،عديل مھر۽ انور علي سومرو کي پنھنجي پنھنجي عھدي جو حلف کڻايو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ