جمعہ، 16 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڪراچي جي ٻن ڌار ڌار فائرنگ جي واقعن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا

سنڌي خبرون 13th Dec 2023 154 مناظر

ڪراچي جي ٻن ڌار ڌار فائرنگ جي واقعن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، مواڇ ڳوٺ جي نور شاهه پاڙي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. پوليس موجب جهيڙي دوران فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ سبب هڪ راهگير مارجي ويو، جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، مارجي ويل شخص جي فوري سڃاڻپ نه ٿي سگهي. ٻئي طرف لياقت آباد جي نگينه چورنگي وٽ ڦورن ڦر مزاحمت تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب هڪ شخص مارجي ويو، هڪ زخمي ٿي پيو، مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ 55 ورهين جي عظمت علي جي نالي سان ٿي، زخمي جي سڃاڻپ 50 ورهين جي اقبال پٽ جلال جي نالي سان ٿي. پوليس مقتول جو لاش ۽ زخمي کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون ويون، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ