بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

پاڻي کان محروم چشما ڳوٺ جا رهواسي رستن تي نڪري آيا، احتجاجي ريلي

سنڌي خبرون 21st Dec 2025 301 مناظر
پاڻي کان محروم چشما ڳوٺ جا رهواسي رستن تي نڪري آيا، احتجاجي ريلي

ابراهيم حيدري ٽائون ۾ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي ريلي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري ٽائون جي علائقي چشما ڳوٺ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي سميت بنيادي سهولتن جي سخت کوٽ خلاف قومي عوامي تحريڪ ملير ضلعي پاران ڪاشف خاصخيلي، حسين سنڌي، ساجد خاصخيلي، راجا خاصخيلي فيروز ضمير جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. احتجاجي ريلي ۾ پارٽي اڳواڻن، ڪارڪنن، سماجي شخصيتن ۽ چشمان ڳوٺ جي رهواسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ريلي چشما ڳوٺ جي مختلف گهٽين ۽ مکيه رستن مان گذري مک چوڪ چوڪ تي پهتي جتي شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ پلي ڪارڊ، بينر ۽ جهنڊا کڻي “پاڻي ڏيو، زندگي بچايو”، “چشما ڳوٺ سان ناانصافي بند ڪريو” ۽ “ضلعي انتظاميا جا وعدا ناڪام” جهڙا نعرا هنيا.قومي عوامي تحريڪ ملير جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته چشمان ڳوٺ جا رهواسي سالن کان پيئڻ جي پاڻي، نيڪالي، روڊن، بجلي، صحت ۽ تعليم جهڙين بنيادي سهولتن کان محروم آهن. هنن چيو ته پاڻي جهڙي بنيادي ضرورت نه هجڻ سبب عورتون ۽ ٻار ميلن پنڌ ڪري پاڻي آڻڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته غريب ماڻهو مهانگو ٽينڪر پاڻي خريد ڪرڻ به نٿا سگهن.اڳواڻن ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۽ لاڳاپيل ادارن تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته بار بار درخواستن ۽ احتجاجن باوجود اختيارين جي ڪنن تي جونءِ به نٿي چُري. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن فوري طور چشمان ڳوٺ کي پاڻي ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم نه ڪيون ويون ته احتجاج جو دائرو ضلعي سطح کان وڌائي شهر سطح تائين آندو ويندو.ريلي ۾ شامل رهواسين چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب بيماريون وڌي رهيون آهن ۽ روزمرهه زندگي مفلوج ٿي چڪي آهي. احتجاج آخر ۾ پرامن نموني سان ختم ڪيو ويو، جڏهن ته انتظاميا کان ترت ۽ عملي قدم کڻڻ جو پُرزور مطالبو ڪيو ويو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ