بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

تيغو خان تيغاڻي سميت 26 ڄڻن خلاف ايس ايڇ او سميت 3 ڄڻن جي اغوا جو ڪيس داخل

سنڌي خبرون 13th Jul 2023 123 مناظر

تيغو خان تيغاڻي فرار ٿي ويو آهي، سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن: عرفان سمون

ڪرمپور ٿاڻي تي تيغو خان تيغاڻي سميت 26 ڄڻن خلاف ايس ايڇ او سميت 3 ڄڻن جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪرمپور ٿاڻي تي ايس ايڇ او گل محمد مهر، اهلڪار نبي داد منگي ۽ ڳوٺاڻي سرور چاچڙ جي اغوا جو ڪيس داخل، ڪيس ۾ تيغو خان تيغاڻي، عبدالنبي تيغاڻي، عمران تيغاڻي سميت 26 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو، ايس ايس پي عرفان سمون جو چوڻ آهي ته تيغو خان تيغاڻي جي ڪنڌڪوٽ ۽ ڳڙهي تيغو وارن بنگلن تي پوليس موجود آهي، تيغو خان تيغاڻي فرار ٿي ويو آهي، سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ