محمد حسين محنتي پاران مولانا ضياءَ الرحمان مدني جي قتل جي مذمت
اڄ تائين ڪنهن به عالم جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ افسوسناڪ آھي: محمد حسين محنتي
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي ممتاز عالم دين ۽ جامعه ابي بڪر جي مهتمم مولانا ضياالرحمان مدني جي قتل جي سخت مذمت ۽ ان سميت سڀني مسلڪن جي عالم سڳورن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ گڏيل جدوجهد تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ۽ ادارن عملي طور تي سنڌ جي عوام ۽ عالم سڳورن کي ڌاڙيلن، دهشتگردن ۽ ٽارگٽ ڪلرز جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، اڄ تائين ڪنهن به عالم جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ سيڪورٽي ادارن جي بدترين ناڪامي آهي، عالمن سميت شهرين جي جان، مال ۽ عزت آبرو جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي اولين ذميواري آهي، جيڪا حڪومت پنهنجي شهرين کي تحفظ فراهم نٿي ڪري سگهي ان کي حڪومت ڪرڻ جو به ڪو حق ناهي، هلندڙ سال جي گذريل 08 مهينن اندر فقط ڪراچي شهر ۾ 90 شهرين جو قتل ۽ 60 هزار رهزني جي وارداتن مان امن امان جي نالي تي اربين رپين جي بجيٽ خرچ ڪرڻ وارن حڪمرانن ۽ ادارن لاءِ سوچڻ جو مقام آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جامعه ابي بڪر گلشن اقبال ۾ مولانا ضياالرحمن مدني جي شهادت جي حوالي سان رٿيل احتجاجي ۽ تعزيتي مڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي امير زور ڏيندي چيو ته مولانا ضياالرحمان مدني اسلام ۽ جامعه ابي بڪر جو قيمتي اثاثو هو، عالم سڳورن کي فرقيواريت جي بنياد تي تقسيم ۽ شهيد ڪرڻ جي راند هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي، هن عالم سڳورن تي زور ڏنو ته هو اتحاد امت ذريعي دهشتگردن ۽ اسلام دشمن قوتن جي سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ متحد ٿين.#