جمعرات، 15 اکتوبر 2026
بریکنگ

شڪارپور پوليس پاران ڏيڍ مھينو اڳ اغوا ٿيل نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

سنڌي خبرون 03rd Oct 2023 321 مناظر

ايس ايس پي خالد مصطفيٰ ڪورائي جي اڳواڻي ۾ خانپور جي ڪچي ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري

شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور پوليس ڏيڍ مهينو اڳ اغوا ٿيل يرغمالي کي با حفاظت بازياب ڪرائي ورتو آهي. ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي جي اڳواڻي ۾ خانپور ڪچي جي علائقي ۾ ڏوهارين خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري آهي. ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جي دٻاءُ ۽ ٽارگيٽيڊ آپريشن سبب ڏوهاري يرغمالي کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا.ڪوٽ شاهو جي ڪچي ڏڪ بند ويجهو پوليس رستن تي ناڪابندي ڪري ڇڏيو هو.پوليس جي وڏي نفري ڏسي ڌاڙيل عمران علي ولد خدا بخش بروهي کي ڇڏي فرار ٿي ويا.ڏيڍ مهينو اڳ لاڙڪاڻي جي نظر محلا جي رهواسي عمران ولد خدا بخش بروهي کي سندس دوست دوکي سان ڪشمور مان اغوا ڪرايو هو.ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي. ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي جو چوڻ آھي تھ شڪارپور ۾ ڏوهارين کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، يرغمالي ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پوليس جي ڪامياب ڪارروائي کي ساراهيو ۽ پوليس جي حق ۾ نعرا هنيا ويا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ