نوشھروفيروز ۾ رھواسين جو پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو
نوشھروفيروز ۾ رھواسين جو پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو
نوشهروفيروز(ڊ ر) نوشهروفيروز شهر جي قائم ڪالوني جي رهواسين پيرسن اسلام الدين ميمڻ مسمات شائلا ميمڻ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهنجي نوجوان پٽ وقاص احمد ميمڻ کي ايس ايڇ او نوشهروفيروز عبدالخالق جيلاني ون فاءِ انچارج اي ايس آءِ اياز سميت ٻين اهلڪارن نواز خشڪ عرس لنڊ ڪامران ميمڻ نوشهروفيروز فوڊ گدام کان کنڀي نوشهروفيروز ٿاڻي تي بند ڪيو جنهن کانپوءِ منهنجي پٽ کي محرابپور ٿاڻي جي حد کڻي وڃي ڪوڙو مقابلو ڏيکاري بيگناھ منهنجي پٽ کي ٽنگ ۾ گولي هڻي هاف فراءِ ڪري اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي جڏهن ته منهنجو پٽ سبزي منڊي ۾ پنهنجي روزي ڪندو آهي ۽ ان وٽ هڪ لک ويھ هزار روڪ هڪ ويوو موبائيل فون ۽ ون ٽو فاءِ موٽرسائيڪل پڻ گڏ هئي اسان آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز کي پرزور اپيل ٿا ڪريون ته صاف شفاف انڪوائري ڪري اسان سان ٿيل ظلم جو انصاف ڪيو وڃي نه ٻي صورت ۾ اسان نوشهروفيروز باءِ پاس تي احتجاجي ڌرڻو هڻنداسين۔