بدھ، 25 نومبر 2026
بریکنگ

نوشھروفيروز ۾ ميونسپل ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاھرو

سنڌي خبرون 25th Nov 2026 3 مناظر
نوشھروفيروز ۾ ميونسپل ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاھرو
نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهروفيروز ۾ پنج ڏينهن گذرڻ باوجود به ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن جا مسئلا حل نه ٿي سگهيا پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ملازمن پاران سرڪار جي وڌايل پگهار، پينشن ۽ ٻيا مسئلا حل نه ڪرڻ خلاف ڪشن راجا، جاويد شيخ، غلام علي شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حقن جي حاصلات لاءِ نعريبازي به ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته پنج ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون پر ميونسپل ڪاميٽي جي انتظاميا پاران 2026 جي وڌايل پگهار ۽ پينشن چار مهينا گذري ويا پر ناهي ڏني وئي بار بار ميونسپل انتظاميه کي يونين طرفان لکت ۾ ليٽر ڏنا آهن پر ان جي باوجود به انهن تي عمل ناهي ڪيو ويو جيڪو ملازم جو جائز حق هنن چيو ته سينيئر ملازمن کي پروموشن ناهن ڏنا ويا ڪوڙي ڊي پي سي ذريعي چيف ميونسپل آفيسر عبدالفتاح تڳر ڳري رقم وٺي جونيئر ملازمن جا جعلي پروموشن ڪيا آهن جيڪا سينيئر ملازمن سان وڏي زيادتي آهي ھنن وڌيڪ چيو ته مقامي سينيٽري ورڪرن کي نظر انداز ڪري انهن جي جاءِ تي ٻاهران خانگي ماڻهو گهرائي چيئرمين پنهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر شاهد ميمڻ کي ميونسپل ڪاميٽي ضلعي هيڊ ڪوارٽر شهر گٽر لائين جي صفائي جو ٺيڪو ڪوڙن ٺيڪيدار جي نالي کڻي ميونسپل ڪاميٽي جي اڪائونٽ مان لکين روپين جو چونو لڳائي رهيو آهي هنن مطالبو ڪيو ته وڌايل پگهار پينشن ملازمن کي ڏئي جعلي ڊپٽي اڪائونٽنٽ محمد عثمان عرف شيراز شيخ کي هٽائي مسئلا حل وڃن ٻي صورت ۾ ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ