بدھ، 25 نومبر 2026
بریکنگ

ملير ۾ يتيم ٻارڙن ۾ اسڪول بيگ ۽ خرچي ورھائي وئي

سنڌي خبرون 25th Nov 2026 4 مناظر
ملير ۾ يتيم ٻارڙن ۾ اسڪول بيگ ۽ خرچي ورھائي وئي

منهنجا مارو ملير جا پاران بيگ ۽ خرچيون ورهايون ويون

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سماجي تنظيم "منهنجا مارو ملير جا" پاران ملير جي مختلف علائقن جي سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ يتيم ٻارن ۾ اسڪول بيگ ۽ خرچي ورهائڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي ان موقعي تي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول محمود شاهه ايٽ رزاق آباد، گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري لوئر سيڪنڊري اسڪول، گورنمينٽ گرلز پرائمري ڪميونٽي ماڊل اسڪول، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول، ايس ايم بي سيف حاجي عيسب جوکيو اسڪول سميت دي اسپارڪ اسڪولنگ سسٽم سومار جوکيو ڳوٺ ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ يتيم ٻارن کي تنظيم جي اڳواڻن صدر عرفان عباسي، نائب صدر بخشيل سيال، جنرل سيڪريٽري سيد شبير احمد شاهه، جوائنٽ سيڪريٽري سيد سجاد علي شاهه، انفارميشن سيڪريٽري مبين شيخ، آفيس سيڪريٽري عبدالستار مهر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبرن عبدالستار ابڙو، قاضي منير ملير جي سياسي سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاھ ۽ ٻين اسڪول جا بيگ ۽ خرچيون ورهايون. تنظيم جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته يتيم ٻار به اسان جي سماج جو اهم حصو آهن، انهن جي سار سنڀال، تعليم ۽ بهتر مستقبل لاءِ سهڪار ڪرڻ هر باشعور ۽ صاحبِ حيثيت ماڻهوءَ جي گڏيل ذميواري آهي. يتيم ٻارن جي چهري تي خوشي آڻڻ ۽ سندن تعليمي ضرورتن کي پورو ڪرڻ صرف هڪ سماجي سرگرمي نه، پر انسانيت جي خدمت ۽ هڪ بهتر معاشري جي تعمير ڏانهن اهم قدم آهي. هنن چيو ته ڪيترائي ٻار مالي وسيلن جي کوٽ سبب تعليمي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏين ٿا اهڙي صورتحال ۾ سماجي تنظيمن، سرندي وارن ماڻهن کي اڳتي اچي انهن ٻارن جو سهارو بڻجڻ گهرجي جيئن ڪو به ٻار غربت يا محرومي سبب تعليم کان محروم نه رهي. هنن وڌيڪ چيو ته اسڪول بيگ ۽ تعليمي سامان جي ورهاست جو مقصد ٻارن جي حوصلا افزائي ڪرڻ، کين تعليم ڏانهن وڌيڪ راغب ڪرڻ ۽ اهو احساس ڏيارڻ آهي ته سماج انهن سان گڏ بيٺل آهي آخر ۾ سماجي تنظيم جي ان عمل کي ساراهيندي سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاھ، هيڊماسترز منظور علي چوهاڻ، ثمينه علي ،ثمينه تبسم، ممتاز علي، حبيب زيب خاصخيلي ۽ ٻين عهديدارن کي اجرڪون اوڍايون.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ