ڏوڪريءَ مان نوجوان پراسرار طور گم، وارثن کي اغوا جو شڪ

ڏوڪريءَ مان نوجوان پراسرار طور گم، وارثن کي اغوا جو شڪ

ڏوڪري (رپورٽر)سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي اڳوڻي سيڪريٽري، نامياري شاعر ۽ سماجي اڳواڻ ظهير بسمل جو ننڍو ڀاءُ ڪاشف علي ولد امتياز علي ٻٽ، جيڪو ڊپريشن جو مريض آهي، گذريل ٻن ڏينهن کان پراسرار طور تي گم ٿي ويو آهي. سندس عمر 24 سال ٻڌائي پئي وڃي. معلوم ٿيو آهي ته ڪاشف علي 10 جون تي ڪم سانگي ڏوڪري آيو هو، جنهن کي ڳاڙھي رنگ جا ڪپڙا پاتل هيا. ان ئي ڏينهن شام کان وٺي سندس ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته گم ٿيل نوجوان سان سندن ڪوبه رابطو نه ٿيو آهي، جنهن ڪارڻ هو ڳڻتيءَ ۾ مبتلا آهن ۽ کين شڪ آهي ته کيس اغوا ڪيو نه ڪيو ويو هجي. گم ٿيل نوجوان جي ڀاءُ ظهير بسمل پاران ڏوڪري ٿاڻي تي هڪ اين سي داخل ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته ڪاشف جي اغوا جي شڪ ڪارڻ وارثن اعليٰ اختيارين کان مطالبو آهي ته فوري طور هن معاملي جو نوٽيس وٺي نوجوان کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي. ٻئي طرف وارثن پاران سوشل ميڊيا جي پليٽ فارمز تي پڻ عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي به ڪاشف علي بابت ڪا به ڄاڻ هجي ته وارثن يا ويجهي ٿاڻي سان رابطو ڪري.