ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟

علي ٿهيم

ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟

مغرب توڙي هندوستان ڪڏهن به مسلم دنيا جا سڄڻ نه رهيا آهن . آمريڪا سميت يورپ هندوستان . اسرائيل سدائين مسلمان ملڪن تي ڪاهون ڪيون انهن ملڪن تي جنگون ٿاڦي انهن ملڪن جون حڪومتون تبديل ڪيون حڪمرانن کي قتل ڪيو ويو . عراق . لبيا جا مثال اسان جي سامهون آهن انهن کان سوائي پاڪستان ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو . سعودي عرب جو شاھ فيصل شامل آهن جيڪي آمريڪي سازشن جو شڪار ٿيا . اڄ جي دور ۾ مسلم ملڪن جا معامرا آمريڪا جي وس کان ٻاهر نڪرندي نظر اچي رهيا آهن . سعودي عرب . پاڪستان پاران فوجي تعاون جو معاهدو ڪرڻ کان پوء ٻيا عرب ملڪ به اهڙي معاهدي طرف وڃي رهيا آهن عرب ملڪن اگر اهڙا معاهدا ڪري ورتا ته پوء آمريڪا جي عرب ملڪن ۾ ضرورت نه رهندي آمريڪا به سمجهي پيو ته هاڻي عرب ملڪن مان پير پٽڻا پوندا ان ڪري آمريڪا پاران افغانستان کان بگرام ايئربيس واپس وٺڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن . آمريڪي صدر ٽرمپ پاران بگرام ايئربيس وٺڻ لاء افغانستان کي ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن . آمريڪا کي خبر آهي ته عرب ملڪن مان فوجي اڏا ختم ٿيڻ کان پوء جليج ۽ ايشيا ۾ سندس ڪو ٺڪاڻو نه رهندو . ۽ هتان هڪ ڀيرو آمريڪا جا پير پٽجي ويا ته نه صرف سندس ڪو ٺڪاڻو نه رهندو پر سندس ناجائز اولاد اسرائيل لاء به خطرا وڌڻ جا امڪان آهن . اسرائيل ۾ جيڪا طاقت آهي ان جو اندازو ايران . اسرائيل جنگ ۾ ئي ٿي ويو . ايران جهڙي نموني اسرائيل کي ٺوڪيو ان جو مثال ڪون ٿو ملي . آخر مجبور ٿي آمريڪا کي جنگ بند ڪرائڻي پئجي ويئي . اگر اسرائيل کي جنگ ۾ ايران خلاف برتري هجي ها ته آمريڪا ڪڏهن به اها جنگ بند نه ڪرائي ها . مونکي لڳي ٿو ته آمريڪا جي ڪوشش آهي ته عرب ملڪن کان سوائي . افغانستان . ايران . پاڪستان تائين جنگين جي اهڙي باھ ٻاري وڃي جو اهي ملڪ جنگين ۾ ڦاٿل رهن ۽ انهن کي وري آمريڪا جي ضرورت محسوس ٿئي پر چين ۽ روس به ٻئي پاسي تيار ويٺا آهن ڇوته چين ۽ روس ڄاڻن ٿا ته عرب ملڪ آمريڪا کان آجا ٿيا ته اهي نئين چيني بلاڪ جو حصو ٿيندا . چين ۽ روس هن وقت اسٽينڊ بائي تي آهن . چون ٿا ته پاڪستان پاران سعودي عرب سان معاهدو ڪرڻ کان پوء آفريڪا تائين جا ملڪ ان معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش ڏيکاري رهيا آهن . مطلب دنيا آمريڪي تسلط مان نڪرڻ لاء آتي آهي . چين ۽ روس پاران آمريڪا کي اندران ئي اندران کوکلو ڪيو ويو آهي هاڻي آمريڪا پنهنجي سپرپاوري بچائڻ لاء هٿ پير پيو هڻي . تازو اقوام متحدا جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ اسرائيل خلاف قرارداد پيش ٿي ته دنيا جي 196 ملڪن مان 156 ملڪن اسرائيل خلاف ووٽ ڪري اڪثريت سان قرارداد منظور ڪري ورتي صرف ايتري تائين نه پر اسرائيلي وزيراعظم ياهو خطاب ڪرڻ لاء آيو ته اسيمبلي مان 156 ملڪن جا سربراھ واڪ آئوٽ ڪري ويا . ڪجھ سال اڳ تائين اهڙو ڪوبه تصور نه هو ته دنيا آمريڪا يا اسرائيل خلاف ائين ووٽ يا احتجاج ڪن . اهي سڀ ڳالهيون ثابت پيون ڪن ته نئون ورلڊ آرڊر نافذ ٿيڻ وارو آهي . دنيا ۾ آمريڪي سپرپاوري زمين بوس ٿيڻ ڏانهن پيئي وڃي دنيا امن ترقي جا خواب ڏسڻ شروع ڪري رهي آهي ڇوته آمريڪا سان گڏ هجڻ جو مقصد جنگيون برباديون ئي دنيا کي نصيب ٿينديون ان ۾ معاشي فائدا اگر ڪنهن کي ٿيڻا آهن ته اهو آمريڪا ئي آهي جنهن جا جنگين ۾ هٿيار وڪرو ٿيندا آهن . هٿيار وڪرو ڪري پنهنجي معيشيت کي دنيا ۾ ٽاپ تي رکيو ويٺو آهي . آمريڪا لاء دنيا ۾ عرب سڳورا سڻڀي پارٽي آهن جن کي اکيون ڏيکاري آمريڪا سالانا ڪئي ٽريلن ڊالر وٺندو رهيو آهي . جيڪي هاڻي يقينن بند ٿيڻ ڏانهن وڃي رهيا آهن . اهو سڀ ڪجھ ٻن ڳالهين جي ڪري ٿيو آهي پهرين ڳالھ هئي اسرائيل پاران ايران تي حملو ايران جڏهن اسرائيل تي جوابي حملا ڪيا ته اسرائيل جي اصل طاقت جي دنيا کي خبر پئجي ويئي . عربن به ڏٺو ته اسرائيل ۾ آهي ته ڪجھ به ڪون اسان هرو ڀرو ڊنا ويٺا آهيون . ٻيو سبب بڻيو اسرائيل پاران قطر تي حملو . قطر تي حملي کان پوء عربن محسوس ڪيو ته اسان جيڪو پنهنجي حفاظت لاء آمريڪا کي اڏا ڏيئي سوچيون پيا هاڻي محفوظ آهيون پر ائين نه آهي اسرائيل اسان تي ڪڏهن به جنگ مڙهي سگهي ٿو . اسرائيل گريٽراسرائيل جا نقشا پيش ڪيا آهن جن ۾ سندس ڪئي عرب ملڪن تي قبضي جا پلان آهن . عرب ملڪن کي اسرائيلي حملي اکيون کولڻ تي مجبور ڪيو آهي . ۽ اهي پنهنجي دفاع لاء پاڪستان سان معاهدا ڪري رهيا آهن . آمريڪا هن وقت عرب ملڪن کان ويندي ايشيا جي ٻين ملڪن تائين وڏين سازشن ۾ مصروف ٿي ويو آهي ۽ دنيا جو امن تباھ ڪرڻ لاء آمريڪا ڪنهن به وقت هندوستان سان دوستي جو هٿ وڌائي سگهي ٿو . ۽ ڪنهن به وقت آمريڪا . اسرائيل . هندوستان جو ڳٽ جوڙ سامهون اچي سگهي ٿو . مونکي لڳي ٿو ته آمريڪا . اسرائيل . ۽ هندوستان جي بربادي جو وقت ويجهو آهي . اهي ملڪ ڀلي مسلمان ملڪن خلاف سازشون ڪن اهي ٽيئي ملڪن اگر اهڙي ڪابه حرڪت ڪندا ته اڄوڪي دنيا يقينن ٽين عالمي جنگ ڏانهن هلي ويندي . ٽين عالمي جنگ جي صورت ۾ به انهن ملڪن جي تباھي صاف نظر اچي رهي آهي ...