جماعت اسلامي پاران ڪراچي ۾ ٿيل ضمني چونڊن ۾ پ پ تي ڌانڌلي جا الزام

پ پ پاران بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي، اسان جي ايجنٽن کي تشدد جو نشانو بڻائي رتو رت ڪيو ويو: حافظ نعيم االرحمان

جماعت اسلامي پاران ڪراچي ۾ ٿيل ضمني چونڊن ۾ پ پ تي ڌانڌلي جا الزام

ڪراچي: جماعت اسلامي ڪراچي ۾ ٿيل ضمني چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام هڻي ڇڏيو، ڪراچي ۾ ميئر آڻڻ لاءِ سڀاڻي پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ وفد ويندو، جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو ته ضمني چونڊن ۾ پ پ پاران بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي، اسان جي ايجنٽن کي تشدد جو نشانو بڻائي رتو رت ڪيو ويو ۽ اڄ وزير چون ٿا ته شاندار ڪاميابي ملي آهي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پ پ جي اي ٽيم بڻجي ڪم ڪري رهي هئي، اسان ڪيتريون ئي شڪايتون ڪيون پر ڪو ازالو نه ٿيو، اسان کي فارم 11 نه پئي ڏنا ويا، اسان اليڪشن ڪميشن کي 23 درخواستون اماڻيون، پي ٽي آءِ وارن سان به زيادتي ٿي آهي، انهن سان رابطي ۾ آهيون ۽ اڄ پي ٽي آءِ وارن سان گڏجي اڳتي جي حڪمت عملي جوڙينداسين، هن چيو ته ڪراچي ۾ ميئر جماعت اسلامي جو ئي ايندو. ذريعن موجب جماع اسلامي پاران ڪراچي ۾ ميئر آڻڻ لاءِ پي ٽي آءِ سان اتحاد جوڙيو ويندو، ان سلسلي ۾ سڀاڻي پي ٽي آءِ سان جماعت اسلامي جو وفد ملاقات ڪندو.