گلشن حديد ۾ قتل ٿيل پورهيت زاهد ميراڻي جي چاليهي جي تقريب پپري ۾ ٿي گذري

چاليهي جي تقريب ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت، قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان

گلشن حديد ۾ قتل ٿيل پورهيت زاهد ميراڻي جي چاليهي جي تقريب پپري ۾ ٿي گذري

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)گلشن حديد ۾ قتل ٿيل نوجوان پورهيت زاهد ميراڻي جي چاليهي جي تقريب پپري ۾ ٿي گذري چاليهي جي تقريب ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت مک قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان، ڊاڪٽر انعام سيال،ماجد سڪندر ملاح ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ سنڌي نوجوانن کي قتل ڪيو پيو وڃي قاتل گرفتار ڪيا وڃن قاتلن جي گرفتاري لاءِ هاڻي سخت احتجاج ڪيو ويندو گلشن حديد ۾ بيگناھ نوجوان زاهد ميراڻي قتل ڪيو ويو مک جوابدار زمين خان، ۽ عبيد الله اڃان تائين پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي قاتلن جي گرفتاري نه ڪرڻ پوليس جي نااهلي ظاهر ڪري ٿي اسان جي نوجوانن کي روزگار ڪرڻ جي ڏوھ ۾ قتل ڪيو پيو وڃي قاتلن جي گرفتاري يقيني بڻائي وڃي نوجوان کي قتل ڪري دهشتگردي ڪئي وئي آهي 40 ڏينهن کان پوليس صرف آسرا ڏنا آهن 1 جوابدار گرفتار ڪيو ويو مک قاتل اڃان تائين آزاد آهن قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج جو اعلان ڪريون ٿا پوليس صرف آسرا ڏنا آهن پوليس قاتلن کي گرفتار نه ڪيو پوليس جو چوڻ آهي ته قاتل ڪي پي ڪي فرار ٿي ويا آهن اسان کي نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي وارثن سان انصاف ناهي ٿيو قاتل آزاد آهن بيگناھ نوجوان پورهيت زاهد ميراڻي کي قتل ڪيو ويو آهي هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر روڊن تي نڪري احتجاج ڪيو ويندو.