English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شهيد عرفان لغاري جو مڙه هزارين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي، علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال
views
|
28th May 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز/مورو (رپورٽرز وٽان) مورو ويجهو ڳوٺ بجاراڻي لغاري ۾ شھيد عرفان لغاري جي جنازي نماز ادا ڪئي جنازي نماز ھزارين ماڻھن جي شرڪت کيس لڙڪن ۽ سڏڪن سان سندس ڳوٺ ۾ گھر جي اڳيان مٽيء ماء حوالي ڪيو سندس جنازي نماز سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان پاڻ مرادو جنازي نماز ۾ شرڪت سنڌ جي مختلف سياسي، سماجي، مذهبي اڳواڻن جنھن جسقم ايس يوپي ھاري تحريڪ ۔ايس ٽي پي جي اڳواڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي نوشهروفيروز ضلعي جي تعلقي مورو ويجهو ڳوٺ بجاراڻي لغاري ۾ شهيد عرفان لغاري جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي، مذهبي اڳواڻن سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شهيد عرفان لغاري جي جنازي نماز مشهور شيعا عالم مولانا اياز قمي پڙهائي، جنهن دوران فضا سوڳوار بڻجي وئي. جنازي ۾ شرڪت ڪندڙ ھزارين ماڻهون عرفان لغاري لاءِ دعا گھري ۽ سندس وارثن سان تعزيت ڪئي. شهيد جا ڀائر، والد، ۽ ويجها مائٽ اوڇنگارون ڏئي روئيندا رهيا، جڏهن ته ڪيترائي ڪارڪن پڻ ڏک ۾ لڙڪ لاڙي ويٺا. ياد رھي ته ٽن ڏينھن کان مورو تعلقي سميت سموري علائقي جي انٽر نيٽ بند ڪئي وئي ھئي ۽ ان ڳوٺ ڏانھن ويندڙ سمورن تي جنازي نماز جي موقعي تي ڳوٺ ٻاھران سيڪيورٽي جي سخت انتظامن هيٺ پوليس جا اٽالا، موبائيل گاڏيون، ۽ بختربند گاڏيون مقرر ڪيون ويون. ڳوٺ ڏانهن ايندڙ ويندڙ سمورن رستن تي پوليس جا اھلڪار مقرر ڪيا ويا جيئن ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچي سگھجي. ضلعي انتظاميا پاران سخت حفاظتي قدم کنيا ويا، عرفان لغاري جي جنازي نماز ۾ مختلف قومپرست تحريڪن جي اڳواڻن، مذهبي جماعتن جي نمائندن، سماجي ڪارڪنن، ۽ وڏي انگ ۾ علائقي واسين شرڪت ڪري شهيد سان عقيدت جو اظهار ڪيو. علائقي واسين جو چوڻ هو ته عرفان لغاري هڪ باهمت نوجوان هو، جيڪو هميشه پنهنجي قوم، علائقي، ۽ حقن لاءِ آواز اٿاريندو رهيو. شهيد عرفان لغاري جي تدفين سندس اباڻي قبرستان ۾ ڪئي وئي، جتي پڻ سوين ماڻهن کيس آلين اکين سان آخري الوداع ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شهيد عرفان لغاري
0 تبصرے