ڪراچي: ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو پاڪستان جي هڪ نمايان سياستدان آهي، جا سنڌ ۾ عوامي صحت ۽ آبادي جي بهبود لاءِ پنهنجي غيرمعمولي خدمتن سبب سڃاتي وڃي ٿي. صحت جي شعبي ۾ 25 سالن کان وڌيڪ تجربو رکندڙ ڊاڪٽر پيچوهو هن وقت سنڌ صوبي جي وزير صحت ۽ آبادي جي بهبود طور خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر پڻ آهي. پاڪستان جي عوام لاءِ سندس بي مثال خدمتن ۽ مستقل وابستگي جي اعتراف طور، 16 اپريل 2025 تي کين آغا خان يونيورسٽي (اي ڪي يو) پاران لائيف ٽائيم اچيوومنٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو.ڊاڪٽر پيچوهو سنڌ ۾ صحت جي نظام کي بهتر بنائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پنهنجي ڪيريئر دوران هنن ڪيترن ئي اثرائتن قدمن جي اڳواڻي ڪئي، جن ۾ وبائي بيمارين تي ضابطو آڻڻ، حفاظتي ٽڪن جي فراهميءَ کي وڌائڻ ۽ خاص طور عورتن، ٻارن ۽ محروم طبقن لاءِ صحت ۽ تعليم تائين رسائيءَ کي بهتر بڻائڻ شامل آهي.اي ڪي يو لائيف ٽائيم اچيوومنٽ ايوارڊ اهڙن فردن کي ڏنو ويندو آهي، جيڪي تحقيق، تدريسي عمل، صحت جي سار سنڀال ۽ عالمي سطح تي اثرانداز ٿيڻ جي شعبن ۾ غيرمعمولي خدمتون سرانجام ڏين. هي اعزاز ڊاڪٽر پيچوهو کي آغا خان يونيورسٽي ۾ منعقد ٿيل بنيادي صحت جي سنڀال بابت نيشنل سمپوزيم جي موقعي تي اي ڪي يو جي صدر سليمان شهاب الدين پاران پيش ڪيو ويو. هي يادگار لمحو سندس قيادت، وابستگي ۽ اثر رسوخ جي مسلسل ميراث کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو به هڪ ذريعو بڻيو.
0 تبصرے