3ڪروڙ ماڻهو اڄ به ليڊرن جون ڳالهيون ٻڌن ٿا، جيڪڏهن مايوس ٿي انهن مان 35 هزار ماڻهو به ٻي پاسي ٿي بيٺا ته پوءِ ڇا ڪندئو، هوش کان ڪم وٺو: اياز لطيف پليجو

قومي عوامي تحريڪ جو اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ڀٽ شاهه کان پيادل مارچ حيدرآباد ڏانهن روانو

3ڪروڙ ماڻهو اڄ به ليڊرن جون ڳالهيون ٻڌن ٿا، جيڪڏهن مايوس ٿي انهن مان 35 هزار ماڻهو به ٻي پاسي ٿي بيٺا ته پوءِ ڇا ڪندئو، هوش کان ڪم وٺو: اياز لطيف پليجو

ڀٽ شاھ: قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد ڊويزن جو 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ڀٽ شاھ کان حيدرآباد تائين 7 ڏينھن جو درياھ بچايو سنڌ بچايو پيادل مارچ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ شروع ٿي ويو. پيادل مارچ ۾ قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، ڊويزنل صدر ايڊووڪيٽ آڪاش رند، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اختيار پنھور، نصرت خاصخيلي، شازيه احمداڻي، الطاف خاصخيلي، امداد پنھور، اعجاز سومرو، نذير بليدي، بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، ماجد خاصخيلي، فريد ملاح، شيراز لاکو، نعيم خاصخيلي، خادم سمون، آغا عباس ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ھئا. ڀٽ شاھ پھچڻ تي اياز لطيف پليجو جو گلن جي ورکا ۽ اجرڪون اوڍائي شاندار استقبال ڪيو ويو
.21 اپريل تي حيدرآباد پريس ڪلب پھچندو. ان موقعي تي لطيف جي اڳڻ تي ھزارين ماڻهن کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ تاريخ جي بدترين ٺڳن جي ور چڙهي وئي آهي،شھباز شريف، زرداري، مريم نواز توهان اسان سنڌين جو پاڻي کسيندا، اسان پاڻي تي جنگ ڪنداسين پاڻي روڪڻ جو منصوبو ٺاهي پاڪستان جي ڪک ۾ خنجر پيا هڻو سنڌ ڪو والاريل علائقو آهي ڇا؟
پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جي سزا پيا ڏيو ڇا. مريم نواز سنڌ تي پاڻي چوري جا الزام پيپلزپارٽي جي چوڻ تي لڳايا آهن، جن سنڌ جو پاڻي بند ڪيو آهي، اهي ڊرامي طور خط ٿا لکن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھڪ ئي مقصد درياء، زمينن ۽ وسيلن جي حفاظت. سنڌي ورھائڻ لاء سرڪار ۽ مالڪ ڪئي ايجنٽ ۽ بي ٽيمز لاھيندا، نظرانداز ڪيو. توهان جي وڏي مهرباني جو اوهان اسان جي سکيا شروع ڪئي آهي. سنڌ مقابلي لاءِ تيار آهي، امتحان جي تياري هلي رهي آهي
سنڌ جي نوجوانن ڪو غلط فيصلو ڪيو تہ پوءِ توهان ڪرپٽ حڪمرانو ڏکيا ٿيندئو، ھڪ طرف اڄوڪي ساڙيندڙ نٽھڻ اُس، 44 ڊگري جي بدترين ٽانڊن جھڙي گرمي ۽ ٻي طرف قومي قافلو درياءُ جي حفاظت لاءِ ڀٽ شاھ کان پيرين پنڌ مارچ لاءِ نڪتو آهي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ريگستان بڻائڻ ملڪ ۽ 25 ڪروڙ پاڪستانين سان دشمني آهي سنڌ جي پاڻي، زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضو برداشت نہ ڪنداسين وفاقي حڪومت جي سنڌو درياءَ تي 6 نون ڪينالن جي منصوبي کا رد ڪيون ٿا
وفاق سمجهي تہ سنڌ جي عوام جي صبر جو پیمان ختم ٿي رهيو آهي، دير نہ ٿي وڃي بندر گاھ ، گئس ۽ پيٽرول ڏيڻ واري سنڌ جو پاڻي نہ کسيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڻي زندگي آھي. سنڌو درياھ کي ڀڙڀانگ ۽ بنجر بنائڻ واري سازش برداشت نہ ڪئي ويندي. پاڻي لاء جدوجھد زندگي ۽ بقا جي جدوجهد آهي
آصف علي زرداري، پيپلزپارٽي۽ پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي سنڌ کي رڻ پٽ ۽ بيابان ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سنڌ جي عوام کي پاڻي لاءِ تڙپائي مارڻ چاھين ٿا وفاقي حڪومت ۽ ڪرپٽ سنڌ جا حڪمران سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻائڻ ۾ سھولتڪار آھن. ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ پاڻي نہ ڇڏڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. ساحلي پٽي وارا ضلعا ٺٽو، سجاول ۽ بدين وڌيڪ ڀڙڀانگ ٿي ويا آهن ساحلي پٽي جا ھزارين ماڻھو دربدر واري زندگي گذاري رهيا آهن خوشحال ماڻهو بدحال ٿي ويا. پيپلزپارٽي جا چونڊيل نمائندا ۽ سنڌ حڪومت خاموش آھي ۽ پنجاب سان گڏجي سنڌ جو پاڻي چوري ڪرائي رھي آھي. درياھ قتل ٿيڻ سان ڪروڙين زندگيون تھذيبون موت جو گرھ بنجي وڃن ٿيون
.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي پاڻي، زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضا برداشت نہ ڪنداسين. سنڌو درياھ تي نوان ڪئنالن جو منصوبو رد ڪريون ٿا.چولستان سميت 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جو پاڻي بند تي ويندو. جنهن سنڌ تباھ ۽ برباد ٿي ويندي پيپلزپارٽي ھٿ وٺي سنڌ جي عوام کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ چاهي ٿي.اياز لطيف پليجي چيو تہ چيو تہ سنڌو درياھ تي نئين انداز سان لڳندڙ ڌاڙي تي سنڌ جو عوام خاموش ڪون ويندو.
اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ تي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ آھي. سنڌ جا ماڻھو پنھنجو درياھ بچائڻ لاءِ جدوجھد جي ميدان تي اچن.
پنجاب جي 48 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي. زرداري پاڻي تي ڌاڙي ۾ سھولتڪار آھي. جيڪڏھن 6 نوان ڪئنال ٺھي ويا تہ سنڌ جي ماڻھن کي پيئڻ جو پاڻي بہ نہ ملندو. پاڻي جو معاملو رڳو آبادگارن جو ناھي. پاڻي جو معاملو زندگي جو معاملو آھي. ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪروڙين ماڻھن، پکين ۽ جانورن کي اڃ مارڻ جي سازش ٿي رھي آھي.