English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جو ڏاهو ناميارو سگهڙ منظور سومرو دل جي تڪليف سبب بستري ڀيڙو
views
|
03rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
لوڪ ادب کي سموري حياتي ارپيندڙ منظور سومرو علاج نه ٿيڻ سبب انتهائي پريشان
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ جو ڏاهو ڏات ڌڻي ناميارو سگهڙ منظور سومرو دل جو دورو پوڻ سبب بستري ڀيڙو، لوڪ ادب کي سموري حياتي ارپيندڙ علاج نه ٿيڻ سبب انتهائي پريشان، منظور سومرو انتهائي ڪسمپرسي جي زندگي گذارڻ تي مجبور، ريڊيو ٽي وي سميت سنڌ جي واهڻ وستين ۾ لوڪ ادب جا ڏيئا روشن ڪندڙ سگهڙ جو ترت علاج ڪرائي سندس حياتي بچائي وڃي، سگهڙن جو احتجاج، تفصيل موجب سگهڙن جي نمائندہ تنظیم سنڌ سڀيتا سگهڙ فورم باني جمشيد زهراڻي، مرڪزي صدر احمد علي چانڊيو، علي نواز لنجواڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته ثقافت کاتي استاد سگهڙن کي بلڪل ئي وساري ڇڏيو آهي، لوڪ ادب جي لاتين کي محفوظ ڪندڙ سگهڙن جي محنت، سندن فن ۽ زندگي تي تحقيق جي اشد ضرورت آهي جنھن ۾ ثقافت کاتي جي ڪا به هن وقت تائين دلچسپي نه رهي آهي، پر افسوس جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته هڙان وڙان خرچ ڪري لوڪ ادب لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ استاد سگهڙن جو علاج ڪرائڻ لاءِ به ثقافت کاتو غير سنجيده آهي، جمشيد زهراڻي جو چوڻ هو ته منظور سومرو سموري حياتي بنا ڪنهن ساهي جي لاڳيتو لوڪ ادب لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، هن لوڪ ادب ۽ سنڌي ثقافت کي زندهه رکڻ لاءِ هڙان وڙان خرچ ڪري هزارين ڪچهريون ڪوٺايون ۽ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ ڪچهرين ۾ بهرو ورتو، احمد علي چانڊيو، علي نواز لنجواڻي چيو ته سنڌ جي سگهڙن سان تعصب وارو رويو انتهائي هاڃيڪار آهي اگر لوڪ ادب جي خدمت ڪندڙ سگهڙن، محققن، ليکڪن جي سهائتا نه ٿي ته ڪو به ڏات ڌڻي هن ميدان ۾ لهي چڙهي ڪم ڪرڻ کان قاصر رهندو ۽ لوڪ ادب ميسارجي ويندو، نج قومي ادب لوڪ ادب ئي آهي ڇو ته سگهڙ پنهنجي ٻولي کي ساهه سان سانڍيندي، پراڻن محاورن، لوڪ قصن، رهڻي ڪهڻي ۽ لفظن جي ذخيري کي اصل اچار سميت محفوظ ڪريو اچن، سنڌ جي ڏات ڌڻين حڪومت سنڌ ۽ ثقافت کاتي کي اپيل ڪئي ته منظور سومرو جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرائي سندس حياتي بچائي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Nov 2025
•
پاکستان
ایف ایف سی کو "کمپنی آف دی ایئر ایوارڈ" سے نوازا گیا
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
قومی اسمبلی میں 27ویں آئینی ترمیم پیش — حکومت کی پوزیشن مضبوط، اپوزیشن کا واک آؤٹ
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
نواز شریف کی قومی اسمبلی آمد — ایوان میں لیگی ارکان کا پرتپاک استقبال، بلاول بھٹو نے بھی مصافحہ کیا
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
قومی اسمبلی میں ہنگامہ — محمود خان اچکزئی نے 27ویں آئینی ترمیم کے بل کی کاپی پھاڑ دی
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
شيعا علماءِ ڪائونسل لاڙڪاڻي جي ضلعي صدر سان تعزيت جاري
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ جوڙي پاران پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد تحفظ لاءِ احتجاج
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون تيز، 11 ڄڻا گرفتار
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير جي برهاني ٽائون ۾ جوڙي جا گهر مان لاش هٿ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌ جو ڏاهو ناميارو
ملير
0 تبصرے