ايس ايس پي ٺٽو جي حڪم تي ٺٽو، مڪلي، ڌاٻيجي ، ساڪرو ۽ گهوڙاٻاري ٿاڻن جي حدن ۾ ڪارروائي
ٺٽو (شفيق ڀٽي)ٺٽو پوليس جون ڪامياب ڪارروائيون، 11 گٽڪو وڪرو ڪندڙ، 5 منشيات وڪرو ڪندڙن سميت 16 جوابدار گرفتار، ڪيس داخل.1750 پيڪٽ گٽڪو ماوا، 20 ڪلو گٽڪي جو مواد، 1 مهران ڪار، 1 موٽر سائيڪل، 48 بيگز ديسي شراب ۽ 215 گرام چرس هٿ. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمن ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو جي هدايتن تي ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان جي حڪمن موجب ٺٽو پوليس پاران منشيات، ڏوهاري عنصرن، عادي مجرمن، گٽڪي ۽ مين پڙي ڊيلرن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري. ايس ايس پي ٺٽو جي حڪم تي (ٺٽو، مڪلي، ڌاٻيجي ، ساڪرو ۽ گهوڙاٻاري پوليس) مختلف هنڌن تي ڪامياب ڪارروايون ڪري 11 گٽڪو وڪرو ڪندڙ ملزمن موسيٰ ولد صفر بروهي، نديم ولد الله ڏنو بروهي، پيار علي ولد گل حبيب موندو، احسان ولد محمد هاشم جوکيو، نواز علي ولد رانجهه زنئور، علي نواز ولد محمد ميربحر، رسول بخش ولد سومار ملاح، مشتاق ولد عباس علي جاکرو، علي اڪبر عرف ڪايا ولد خادم عرف دجال خاصخيلي، عديل ولد افتخار آرائين، مرتضىٰ ولد عبدالواحد عمراڻي ۽ 5 منشيات وڪرو ڪندڙ ملزمن محمد سليم ولد امام ڏنو ميربحر، طالب ولد امام بخش چانڊيو، محمد انور ولد نورو ميربحر، شريف ولد علي محمد ميربحر، شيراز ولد شفيع محمد سميجو کي گرفتار ڪيو. گرفتار ٿيلن وٽان 1750 پيڪٽ گٽڪو ماوا، 20 ڪلو گٽڪي جو مواد، هڪ مهران ڪار، هڪ موٽر سائيڪل، 48 بيگز ديسي شراب ۽ 215 گرام چرس هٿ آيو آهي. گرفتار ملزمن خلاف لاڳاپيل ٿاڻن تي گٽڪا ايڪٽ، منشيات آرڊيننس ۽ نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
0 تبصرے